ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي جي اڳواڻ عثمان ڪاڪڙ جو جناح اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم ڪيو ويو. پوسٽ مارٽم جي شروعاتي رپورٽ موجب عثمان ڪاڪڙ جي جسم تي تشدد جو ڪوبه نشان نه آهي.جسم جي مختلف حصن تي سرجري يا ڪينولاز جا نشان آهن جڏهن ته پيٿالوجي جي لاءِ ڪيترائي نمونا ورتا ويا آهن. اسپتال ذريعن موجب عثمان ڪاڪڙ جي ميت جا ڪجهه نمونا گهر ڀاتين جي حوالي به ڪيا ويا آهن جيڪي هو پنهنجي طور تي به چيڪ ڪرائيندا. ڊاڪٽرن موجب موت جو اصل سبب پيٿالوجي رپورٽ سان سامهون ايندو ۽ عثمان ڪاڪڙ جي ڀاءُ ۽ پٽ جي چوڻ تي پوسٽ مارٽم ڪيو ويو. پوسٽ مارٽم کان پوءِ پختونخواهه ملي عوامي پارٽي جي اڳوڻي سينيٽر عثمان ڪاڪڙ جي ميت وارثن جي حوالي ڪئي وئي جيڪا جنازي نماز جي ادائيگي لاءِ ڪراچي جي جناح باغ پهچائي وئي.جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ جي يو آءِ جو راشد سومرو، قاري شير افضل، جماعت اسلامي جو عبدالرزاق ۽ اي اين پي جو شاهد ۽ ٻيا پهتا. ٻئي طرف عثمان ڪاڪڙ جي ميت ڪراچي کان ڪوئٽه آندي پئي وڃي جيڪا اڄ رات جو ڪوئٽه پهچندي. جڏهن ته جنازي نماز ۽ تدفين سڀاڻي شام جو 5 وڳي مسلم باغ ۾ ٿيندي. واضح رهي ته مرحوم عثمان ڪاڪڙ جي پٽ پيءُ جي قتل جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.پٽ خوشحال خان دعويٰ ڪئي آهي ته منهنجي پيءُ کي قتل ڪيو ويو آهي. واقعي وقت والد گهر ۾ اڪيلو هو لڳي ٿو ته ان تي هڪ کان وڌيڪ ماڻهن حملو ڪيو آهي. خانداني ذريعن جو چوڻ هو ته عثمان ڪاڪڙ 3 ڏينهن اڳ مٿي تي ڌڪ لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو هو.
ڀارتي ٽارگيٽ ڪلنگ تي ڪو بيان نه اچڻ جو مطلب اهو ناهي ته سُتل آهيون
جان محمد جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ نئين ڪميٽي قائم
پهرين ٽي ٽوئنٽي، برسات سبب راند شروع نه ٿي سگهي
پاڪستان سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون،ايڪس
منشيات فروشن خلاف ڪاروايون، گرفتاريون، سامان ضبط
نيشنل اسٽيڊيم ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا انتظام مڪمل
پارليمنٽ گڏيل اجلاس،صدر جو خطاب،اپوزيشن جو احتجاج
پي ٽي آءِ وارن سان ملڪ دشمن جهڙو ورتاءُ ٿيڻ گهرجي: خواجا آصف
اڊيالا جيل ۾ دهشتگرد حملي جو خدشو ظاهر
عدالتي معاملن ۾ مداخلت، بار جو سپريم ڪورٽ سان رابطو
قادر پٽيل جي ڪاميابي چئلينج، عدالت نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا
نواز شريف چوندو آهي ته پاڙيسري سان نه وڙهڻ گهرجي: مريم نواز
پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا مضبوط آهن، رپئي جو قدر نه گهٽبو
9 مئي سانحي وارا اڄ ملڪي مفاد تي حملا پيا ڪن: تارڙ
ڪي پي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ کان پوءِ ڊينگي پکڙجڻ جو امڪان
پرويز خٽڪ پاران پ پ ۾ شموليت لاءِ ڪوششون تيز
مدي خارج آءِ ڊي ڪارڊن تي جاري سمون بند ڪرڻ جو حڪم
پنجاب ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي استعمال تي پابندي لاڳو
دهشتگردي خلاف پاڪستان جي حمايت ڪريون ٿا: آمريڪا
بشريٰ جي بني گالا کان اڊيالا جيل منتقلي واري درخواست بحال