اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت ميڊيا جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ وزيراعظم جي سربراهي م ڪميٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهڙو اعلان اطلاعات بابت وزيراغظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ صحافين سان ڳاکهائيندي ڪيو. هن ٻڌايو ته هوءَ هن ڪميٽي جي رابطه ڪار جو ڪم ڪندي. ڪميٽي صحافين جي يونين، ايڊيٽرز ڪونسل، نيوز پيپرز ايمپلائيز يونين جا نمائندا شامل هوندا. هن چوي ته ميڊيا انڊسٽري مان ملازمن جي ڇانٽي تي وزيراعظم عمران خان ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته هو پاڻ ميڊيا مالڪن سان ڳالهائيندو. هن چيو ته ميڊيا جي 85 آمدن جو وسيلو نجي ڪمپنين مان ملندڙ اشتهار آهن. هن چيو ته سال 2020 ميڊيا انڊسٽري ۽ ورڪرز جي مسئلن جي حل جو سال هوندو. ان موقعي تي ميڊيا تي پابندين بابت سوال کي هوءَ گول ڪري وئي.










