امتحانن ۾ ڪاپي جي خاتمي لاءِ سخت قدمن جو اعلان

امتحانن ۾ ڪاپي جي خاتمي لاءِ سخت قدمن جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ميٽرڪ ۽ انٽرميڊيئيٽ بورڊ جي امتحانن ۾ نقل کي ختم ڪرڻ لاءِ سخت ترين قدمن جو اعلان ڪيو آهي.يونيورسٽين ۽ بورڊن جي وزير محمد اسماعيل راهو ۽ تعليم جي وزير سردار شاهه هڪ گڏيل بيان ۾ واضح ڪيو آهي ته نقل ۾ ملوث شاگردن کي نه رڳو موجوده امتحانن مان فوري طور تي خارج ڪيو ويندو پر مستقبل ۾ ڪنهن به بورڊ جي امتحان ۾ ويهڻ جي اجازت به نه ڏني ويندي.حڪومت امتحاني نظام ۾ ‘زيرو ٽالرنس پاليسي’ لاڳو ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته نقل ڪندي پڪڙيل شاگردن جا سڀئي پيپر منسوخ ڪيا ويندا.ان کان علاوه، جيڪڏهن ڪو شاگرد موبائل فون يا نقل جو مواد کڻي مليو ته ان کي فوري طور تي امتحاني عمل مان ڪڍيو ويندو.بيان موجب، امتحاني عملي خلاف به سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. جيڪڏهن ڪو به نگران، اندروني، ٻاهرين يا انتظامي آفيسر ٻارن کي نقل ڪرائڻ ۾ ملوث مليو ته ان خلاف کاتيوار ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ان کي نوڪري مان به برطرف ڪيو ويندو.صوبائي وزيرن چيو آهي ته امتحاني مرڪزن تي نگراني جو نظام وڌيڪ سخت ڪيو پيو وڃي ۽ ڪنهن به قسم جي مداخلت يا بدعنواني برداشت نه ڪئي ويندي.انهن جو چوڻ آهي ته شفاف امتحاني نظام کي يقيني بڻائڻ لاءِ اهي قدم ضروري آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو