ميونسپل ڪاميٽي جي نااهلي سيوريج ۽ برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، نمائندا غائب

ميونسپل ڪاميٽي جي نااهلي سيوريج ۽ برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، نمائندا غائب

نوشهرو فيروز(ن سنڌيار)ميونسپل ڪاميٽي نوشهرو فيروز مان سيوريج ۽ برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، چونڊيل نمائندا ڳولهي ڏيو، گندگي جو آزاد ختم ڪيو، نااهل انتظاميا هٽايو، ويزا سسٽم بند ڪيو، وائيٽ ڪالر ۽ ڊيوٽي چور عملي خلاف ڪاروائي ڪريو اڀ ڏاريندڙ نعرا، 12 ڏينهن به شهري ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪري احتجاجي ڪئمپ لڳائي وئي جنهن ۾ سياسي سماجي ڌرين سميت شهرين شرڪت ڪئي احتجاج جي اڳواڻي شهري ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻ يونس راڄپر، نيشنل پريس ڪلب جي صدر ايم ظفر تڳر، ايس يو پي جي خادم سيال، مهر وسطڙو ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن ايم پي ايز، ايم اينز هٿ سان عوام کي موت جي منهن ۾ ڌڪي ڇڏيو آھي سڄي ميونسپل شهر ۽ لاڳاپل ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏل آھن جنهن سبب هزارين ماڻهو مري سگهن ٿا ڇو جو گهر ٻڏل هجڻ ڪري ماڻھو اڪثر يمارين جو شڪار ٿيندا ۽ گهر ٻڏل ۽ متاثر کليل آسمان هيٺ هجڻ ڪري سج جي تپش گرمي سبب پاڻي ۽ مٺي جي نڪرندڙ باه سبب بخار دست الٽي ۽ ڊائريا جو شڪار ٿي رهيا آھن جڏهن ته شهر جي سنڌ ڪالوني، ھيٺائي چوڪ، سيال محلا، پير نول گهوٺ محلا، پريم نگر، رياض ڪالوني، گل ٽائون، چنه محلا، سليم پور، ٺاروشاه اسٽاپ، سوچي محلا، اللّه وارو چوڪ، مٺياڻي روڊ ٻڏل هجڻ سان گڏ سڄو شهر گندگي جو ڍير بڻجي ويو آھي جڏهن ته ڪتا گڏه ۽ رول جانور روڊن تي اچڻ سبب حادثا ٿيڻ ۽ روڊ رستا رڪجڻ معمول بڻجي ويو آھي ٽريفڪ جي ازدهام ۽ سبزي منڊي جي واپارين جو روڊ تي اچي وڄڻ به شھرين جي لاءِ مسئلو آھي شھر جو ڀڳل گهٽيون روڊ رستا چوڪ چوراها کڏا گجڻ ۽ وڏو پاڻي هجڻ ڪري موٽر سائيڪلين جا حادثا معمول بڻيل آھن شھرين پاران چيف جسٽس کان نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪندي ڪور ڪمانڊر کان مدد اپيل ڪئي آھي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو