ميهڙ ٽيڻو قتل ڪيس، اڳوڻي ايس ايڇ او تي فرد جرم لاڳو

دادو (رپورٽر) ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ڪيس ۾ ميهڙ جي اڳوڻي ايس ايڇ او تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي، دادو جي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي 3گهرڀاتين جي قتل ڪيس بابت ٻڌڻي ٿي، اڳوڻي ايس ايڇ او ڪريم بخش چانڊيو تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو ام رباب چانڊيو، پ پ ايم پي اي سردار احمد چانڊيو ۽ برهان چانڊيو عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت ٻاهران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا،عدالت اڳوڻي ايس ايڇ او ڪريم بخش چانڊيو تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو عدالت پاران لڳايل فرد جرم ۾ چيو ويو آهي ته ميهڙ جي اڳوڻي ايس ايڇ او ڪريم بخش ام رباب چانڊيو جي ٽن ڀاتين جي قتل بعد سردارن کي بچائڻ لاءِ سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪيو، ٻڌڻي 25 مارچ تائين ملتوي ڪئي وئي آهي عدالت ٻاهران ام رباب چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، ڪريم بخش چانڊيو تي فرد جرم لاڳو ٿي ويو آهي، عدالتن مان انصاف جي اميد آهي، سڀني کي خبر آهي ته قاتل ڪير آهن هن جو چوڻ آهي ته انشاءَ الله اسان کي عدالتن مان انصاف ملندو، سردارن تي اڳ ۾ فرد جرم لاڳو ٿي چڪو آهي، هي پاڻ کي زميني خدا سمجهن ٿا ته هر ماڻهو هنن جي اڳيان جهڪندو، اسان هنن جي اڳيان نه جهڪنداسين، انصاف اسان جو حق آهي اهو اسان وٺنداسين

پهنجو تبصرو موڪليو