مينهن جي ڳاهجڻ سبب هڪ ٻار فوت 2 ٻارڙا زخمي

ٿرڙي محبت (صدام حسين چانڊيو) مٺل ڪالوني ۾ گهٽي ۾ راند کيڏندڙن ٻارڙن مٿان مينهنون چڙهي ويو ن، چئن سالن جو ٻارڙو اياز علي پٽ معشوق علي ڀند فوت ٿي ويو ۽ 2 ٻارڙا ڳاهجي زخمي  ٿي پيا. پي پي ايڇ آءِ اسپتال عملي وارثن کي ايمولنس ڏيڻ کان جواب چئي ڇڏيو. نينگر جي وارثن لاش رڪشي تي ٿرڙي کان 3ڪلوميٽر پري اباڻي ڳوٺ کڻائي ويا. وارثن موجب ته ٻارڙي کي سيني ۾ شديدڌڪ لڳو  جيڪوگذريل رات 3وڳي فوت ٿي چڪو. هنن ٻڌايوته هو ٿرڙي محبت ڀرسان ڳوٺ مسوخان جلباڻي جا اصل رهواسي آهن جيڪي چار سال اڳ لڏي آيا ٿرڙي محبت شهر۾ ويٺا. اهڙي واقعي بعد شهرجي سياسي، سماجي اڳواڻن منظورچانڊيو، اسلم سول ۽ ٻين پي پي ايڇ آءِ جي عملي جي لاپرواهي جي مذمت ڪندي سندن خلاف ڪاروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو