ووٽ ڏيڻ کان ڪير به ڪنهن ميمبر کي نٿو روڪي سگهي، عدالت

ووٽ ڏيڻ کان ڪير به ڪنهن ميمبر کي نٿو روڪي سگهي، عدالت

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن پاران سياسي پارٽين وچ ۾ ممڪنه ڇڪتاڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪندي عدالت چيو آهي ته آرٽيڪل 95 تحت ووٽ جو حق سياسي پارٽي جو آهي، انفرادي ووٽ جي حيثيت ناهي هوندي. سياسي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ بعد اجتماعي حق تصور ڪيو ويندو آهي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته هي قومي اسيمبلي جو اندروني معاملو آهي ان ڪري بهتر هوندو ته اسيمبلي جي جنگ اسمبلي اندر ئي وڙهي وڃي. چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ جنهن ۾ جسٽس منيب اختر به شامل آهي تنهن بي اعتمادي واري رٿ کان اڳ سياسي جلسا روڪڻ بابت بار جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. شهباز شريف، بلاول ڀٽو زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان سميت ٻيا سياسي اڳواڻ به ٻڌڻي جي سلسلي ۾ عدالت پهچي ويا. ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ بار جي وڪيل منصور اعوان چيو ته اسپيڪر 25 مارچ تي اجلاس گهرايو آهي، جڏهن ته آرٽيڪل 95 تحت اجلاس 14 ڏينهن اندر گهرائڻ ضروري آهي، اسپيڪر کي 14 ڏينهن کان وڌيڪ دير ڪرڻ جو حق ناهي. اجلاس اڻڄاتل مدت تائين ملتوي نه ٿو ڪري سگهجي جيستائين بي اعتمادي تي فيصلو نه ڪيو وڃي. چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته عدالت کي ڏسڻو آهي ته ڪنهن واقعي سبب ڪو به ماڻهو ووٽ ڏيڻ کان محروم نه رهي، ووٽ ڏيڻ ميمبرن جو آئيني حق آهي، عدالت اسيمبلي جي ڪارروائي ۾ مداخلت جي قائل ناهي، عدالت صرف چاهي ٿو ڪنهن جي به ووٽ جو حق متاثر نه ٿئي. جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏيندي چيو ته هي قومي اسيمبلي جو اندروني معاملو آهي، بهتر ٿيندو ته اسيمبلي جي جنگ اسيمبلي اندر وڙهجي. چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته سياسي پارٽيون ٻڌائين ڇا چاهين ٿيون؟ سياسي پارٽين کي پارليامينٽ ۾ پنهنجي سياسي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، عدالت کي سياسي قيادت وچ ۾ ثالث جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته جيئن جمهوريت جاري رهي. جسٽس عمر عطا بنديال وڌيڪ چيو ته ماڻهن کي آڻي ووٽرن کي روڪڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، ڊي چوڪ تي جلسو نه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، گڏجي ويهي ۽ اتفاق راءِ پيدا ڪريو.پيپلز پارٽي جي فاروق نائڪ قومي اسمبلي جو اجلاس گهرائڻ وارو نوٽيفڪيشن عدالت ۾ پيش ڪندي چيو تهاسپيڪر آئيني شڪني ڪئي آهي، هن تي آرٽيڪل 6 لاڳو ٿي سگهي ٿو. اتارني جنرل چيو ته اڳ ۾ جنهن تي اهو لاڳو ڪيو اٿو ان کي ته عمل ڪرايو. ان کان اڳ صبح جو وفاقي حڪومت ميمبرن جي نا اهلي بابت آئين جي تشريح لاءِ صدارتي ريفرنس سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيو. صدارتي ريفرنس ۾ سپريم ڪورٽ کان 4 سوالن جا جواب طلب ڪيا ويا آهن. پهريون سوال اهو آهي ته آرٽيڪل 63A جي ڪهڙي تشريح قابل قبول آهي؟ ڇا پارٽي پاليسي خلاف ووٽن کي روڪي نٿو سگهجي، پارٽي پاليسي خلاف ووٽ ڳڻيو ويندو، جيڪو اهڙو عمل ڪندو ان کي سڄي عمر نااهل قرار ڏنو ويندو؟ ٻيو سوال اهو آهي ته منحرف ميمبرن جا ووٽ ڳڻيا ويندا يا نه. ٽيون سوال اهو آهي ته جيڪو ميمبر پارٽيءَ جي پاليسيءَ جي خلاف ووٽ ڏئي صادق ۽ امين نه هوندو، ڇا اهڙي ميمبر کي تاحيات نااهل قرار ڏنو ويندو؟ آخري سوال اهو آهي ته فلور ڪراسنگ يا هارس ٽريڊنگ کي روڪڻ لاءِ وڌيڪ ڪهڙا قدم کنيا پيا وڃن؟ آرٽيڪل 63A نااهلي جي مدت جي وضاحت نٿو ڪري. ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي آرٽيڪل 63 اي جي تشريح بابت صدارتي ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي. سومر تي اٽارني جنرل ريفرنس داخل ڪرايو. ياد رهي ته بابر اعواڻ صدارتي ريفرنس تيار ڪيو جيڪو سرڪيوليشم سمري ذريعي ڪابينا مان منظوري وٺڻ بعد صدر کي اماڻيو ويو هو. حڪومت عدالت کي درخواست ڪندي ته روزانو جي بنياد تي ٻڌڻي ڪري ترت فيصلو ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو