ڪراچي(ويب ڊيسڪ)هن سال جنوري ۾ شروع ٿيندڙ ڪوڪ اسٽوڊيو جي سيزن 14 جو نائون گانو ’معزز صارف‘ رليز ڪيو ويو آهي. ”معزز صارف“ ڳائڻي ميشا شفيع ۽ سندس ڀاءُ فارس شفيع ڳايو آهي، هي گانو ڪمپوز به ٻنهي ڀاءُ ڀيڻ ذوالفقار علي جبار عرف زلفي سان گڏ ڪيو آهي. ”معزز صارف“ 27 فيبروري تي رليز ڪيو ويو، جنهن کي پهرين 24 ڪلاڪن ۾ لڳ ڀڳ 1 لک ڀيرا ڏٺو ويو. ميشا ۽ سندس ڀاءُ فارس شفيع ”ڊيئر ڪنزيومر“ جي شاعري گڏجي لکي آهي، جڏهن ته گڏ ڳائڻ جو خيال به ٻنهي جو آهي. ماڻهو ميسا کان وڌيڪ سندس ڀاءُ جي تعريف ڪري رهيا آهن.










