مقتول جي ساٿي جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ۾ واڌ

مقتول جي ساٿي جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ۾ واڌ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سيشن ڪورٽ ڇنڇر ڏينهن مقتول مير رضا علي جي ڪاروباري ساٿي جي عبوري گرفتاري کان اڳ ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي. مير رضا علي هڪ نوجوان واپاري هو، جيڪو پي اي سي ايڇ ايس (PECHS) مان گم ٿيڻ کانپوءِ گذريل مهيني سندس لاش هٿ آيو هو.
محمد احمد ڀردي پنهنجي وڪيل خالد ممتاز معرفت ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج (اوڀر) جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي، جنهن ۾ مبينا قتل ڪيس ۾ گرفتاري کان اڳ ضمانت جي استدعا ڪئي وئي.
خميس ڏينهن عدالت احمد کي هڪ لک رپين جي ضمانتي مچلڪن عيوض عبوري ضمانت ڏني هئي ۽ جاچ آفيسر ۽ پراسيڪيوشن کي 15 آگسٽ تي نوٽيس جاري ڪيا هئا.
ڇنڇر ڏينهن ڀردي جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سندس موڪل کي پوليس هراسان ڪري رهي آهي ۽ کيس خدشو آهي ته جاچ ۾ سهڪار ڪرڻ باوجود کيس گرفتار ڪيو ويندو.
وڪيل عدالت کي ٻڌايو، ”منهنجو موڪل مقتول جو ڪاروباري ساٿي هو. هو هڪ دڪان هلائيندو هو، جڏهن ته رضا ٻيو دڪان هلائيندو هو.“ هن وڌيڪ چيو ته پوليس سندس موڪل کي به جاچ ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي. وڪيل چيو ته ڀردي کي ٿاڻي بدران ڏوهه واري هنڌ تي طلب ڪيو ويو هو ۽ الزام هنيو ته اڳوڻي جاچ آفيسر سندس موڪل کي هراسان ڪيو هو.
مقتول جي خاندان جي نمائندگي ڪندڙ وڪيل جبران ناصر ان الزام کي رد ڪندي چيو ته پوليس رڳو جاچ جي عمل دوران ڀردي کي طلب ڪيو هو. هن چيو ته جاچ جي سلسلي ۾ لڳ ڀڳ 35 شاهدن ۽ ٻين ماڻهن کي طلب ڪري ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين پڇا ڳاڇا ڪئي وئي آهي.
عدالت سوال ڪيو ته ڀردي ضمانت جي درخواست ڇو ڏني، جڏهن ته شروعاتي طور تي کيس ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد ئي نه ڪيو ويو هو. عدالت درخواستگذار جي وڪيل کان پڇيو، ”ان بابت سوچيو. ڇا توهان هن ضمانت کي جاري رکڻ چاهيو ٿا يا واپس وٺڻ چاهيو ٿا؟“
عدالت اهو به واضح ڪيو ته احمد ضمانت تي رهي يا نه رهي، کيس جاچ ۾ شامل ٿيڻو پوندو. احمد عدالت کي ٻڌايو ته جڏهن به پوليس کيس سڏيندي آهي، هو ٿاڻي تي حاضر ٿيندو آهي.
عدالت کيس هدايت ڪئي ته جاچ مڪمل ٿيڻ تائين شهر کان ٻاهر نه وڃي ۽ سندس عبوري ضمانت ۾ 24 آگسٽ تائين واڌ ڪري ڇڏي.
مکيه قتل ڪيس جي ٻڌڻي به ٿي
ٻئي طرف، مکيه ڪيس جي ٻڌڻي پڻ جوڊيشل مئجسٽريٽ (اوڀر) جي عدالت ۾ ٿي. ٻڌڻي دوران نئون مقرر ڪيل جاچ آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ ٻڌايو ته جاچ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ مقتول جي سم (SIM) گهربل آهي.
جڏهن عدالت پڇيو ته سم ڪيئن حاصل ڪئي ويندي، ته جاچ آفيسر چيو ته پوليس مقتول جي والده جي بائيو ميٽرڪ تصديق ۽ ڪمپيوٽرائيزڊ قومي سڃاڻپ ڪارڊ (CNIC) ذريعي اها سم حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي.
جاچ آفيسر طبي رپورٽ ۽ جاچ رپورٽ مڪمل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ وقت پڻ گهريو. عدالت جاچ آفيسر کي گهربل دستاويز پيش ڪرڻ لاءِ وقت ڏئي ڇڏيو ۽ هدايت ڪئي ته ايندڙ ٻڌڻي، جيڪا 24 آگسٽ تي ٿيندي، ان موقعي تي اڳڀرائي رپورٽ ۽ طبي معائني جي رپورٽ پڻ پيش ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو