ميرپور ساڪرو (ن س)ميرپور ساڪرو لڳ ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب شهزور ڪلٽي ٿي پئي، حادثي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا ۽ 25 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن،فيضو ھوٽل ڀرسان شھزور گاڏي ڪلٽي ٿيڻ سبب ڪراچي واسي 2 ڄڻا الهڏنو پٺاڻ ،زيبي پٺاڻ ۽ دادو واسي اسد جوڻيجو فوت ٿي ويا،حادثي ۾ مڇرڪالوني ڪراچي واسي ڪامران، محمد الله ،مرتضي، عبدالحليم، رضوان ۽ عبدالقيوم زخمي ٿي پيا،زخمين ۾ ڪي اين شاهه واسي شيراز،سبزعلي،ساجد، شاھنواز،عارب کوکر،دادو واسي سارنگ الھواريو، ستار،رسول بخش،سلطان،سليمان جوڻيجو ۽ ٻيا شامل آهن حادثي ۾ 10 کان وڌيڪ زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي زخمين کي ميرپور ساڪرو اسپتال پهچايو ويو










