جيڪب آباد(دولت گل مستوئي) رتوديرو جي ڳوٺ يعقوب جلباڻي جي رھواسي نوجوان اسرار جلباڻي ميرپورماٿيلو جي رھواسڻ 22 ورھين جي انيلا ڌيءَ وزير جلباڻي گھران فرار ٿي جيڪب آباد جي پوليس ھيڊ ڪوارٽر جي مسجد ۾ نڪاح ڪري پسند جي شادي ڪري ڇڏي. جنهن بعد جوڙو پريس ڪلب پھتو پريس ڪلب ۾ ناري انيلا صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آئون نوجوان اسرار احمد سان پيار ڪندي آهيان پنهنجي رضا خوشي سان گھران ٽن ڪپڙن ۾ فرار ٿي نڪاح ڪيو آهي ھن چيو ته مون کي ۽ منهنجي مڙس جي زندگي کي خطرو آهي نوجوان اسرار احمد چيو ته پيار جي پرڻي بعد زال جا وارث جاني دشمن بڻجي ويا آهن مون مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي ھن چيو ته اسان کي مرضي جي زندگي گذارڻ ڏني وڃي اسان جي زندگين کي خطرو آهي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.










