ميرا گهر اسڪيم کي نئين شڪل ڏبي: مفتاح اسماعيل

ميرا گهر اسڪيم کي نئين شڪل ڏبي: مفتاح اسماعيل

اسلام آباد (بيورو) ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل جو چوڻ آهي ته ميرا گهر اسڪيم کي نئين شڪل ڏئي رهيا آهيون، ڪنهن جا پيسا ضايع نه ٿيندا.ٽوئٽر تي هڪ بيان ۾ مفتاح اسماعيل جو چوڻ هو ته کين ماڻهو پيغام موڪلي رهيا آهن ته سندن ميرا گهر اسڪيم ۾ قرض منظور ٿيو هو ۽ هنن ان منظوري جي بنياد تي گهر ٺاهڻ تي رقم خرچ ڪري ورتي آهي.مفتاح اسماعيل جو چوڻ هو ته مان سڀني کي يقين ڏيارڻ چاهيان ٿو ته اسان هن اسڪيم کي نئين شڪل ڏئي رهيا آهيون، ڪنهن جا پيسا ضايع نه ٿيندا.ناڻي واري وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته ايندڙ هفتي تائين مسئلا حل ڪري وٺنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو