اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي گادي واري هاءِ ڪورٽ ميجر لاريب قتل ڪيس جي جوابدارن جي سزا خلاف اپيل منور ڪندي سندن سزا رد ڪري ڇڏي. جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس ارباب طاهر تي مشتمل ڊويزن بينچ اپيل جي ٻڌڻي بعد فيصلو ٻڌايو. ميجر لاريب جيڪو ايس ايس جي ڪمانڊو هو تنهن کي جي نائن ۾ 21 نومبر 2019 ۾ اسلام آباد ۾ دوست سان ملاقات کانپوءِ واپسي تي قتل ڪيو ويو هو. سندس موبائيل فون جي مدد سان ٻن جوابداران بيت الله ۽ گل صديق کي گرفتار ڪيو ويو هو. ٻنهي خلاف ايڊيشنل سيشن جج محمد علي وڙائچ ڊسمبر 2020 ۾ سزا ٻڌائي هئي. بيت الله کي موت ۽ گ صديق کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيس جي جاچ ۽ ٻڌايل سزا واري فيصلي ۾ تمام گهڻا نقص هئڻ جي نشاندهي ڪندي سندن سزا ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي. ياد رهي ته بظاهر ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيل ميجر لاريب جي دوست، جيڪو اکين ڏٺو شاهد به هو تنهن بيت الله کي سڃاتو هو، هن وٽان برآمد ٿيل پسٽل فارينزڪ رپورٽ مطابق ساڳيو هو.










