اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آصف علي زرادري ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ اياز صادق پارليمان ۾ ملاقات بعد چيو آهي ته اڳ ۾ وزيراعظم ميثاق معيشت بابت وضاحت ڪري بعد ۾ اسين پنهنجي پارٽين سان مشاورت بعد رد عمل ڏينداسين. هوڏانهن ميثاق معيشت بابت حڪومت پاران ڇيف وهپ عامر ڊوگر ۽ علي محمد خان ڇنڇر تي اپوزيشن جي اڳواڻن خورشيد شاهه ۽ اياز صادق سان ملاقات ڪري مشاورت ڪئي ۽ پارلياماني ڪميٽي قائم ڪرڻ بابت به ڳالهيون ڪيون. ذريعن موجب مخالف ڌر ميثاق معيشت تي وزيراعظم عمران خان کي پاڻ رابطو ڪرڻ جو شرط رکي ڇڏيو آهي. ملڪي معيشت بهتر ڪرڻ لاءِ بجٽ تي بحث دوران شهباز شريف ۽ آصف علي زرداري ميثاق معيشت جي تجويز ڏني هئي جنهن بعد اسپيڪر اسد قيصر وزيراعظم سان ملاقات ڪئي هئي. ملاقات دوران ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ سياسي پارٽين کي مشاورتي عمل ۾ شامل ڪرڻ تي غور ڪيو ويو. جڏهن ته وزيراعظم قومي اسيمبلي جو بجيٽ اجلاس پرسڪون انداز ۾ هلڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. اسپيڪر اسد قيصر آصف علي زرداري ۽ شهباز شريف پاران پيش ڪيل ميثاق معيشت جي تجويز بعد ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ خصوصي پارلياماني ڪاميٽي قائم ڪرڻ لاءِ وزيراعظم کي اعتماد ۾ ورتو. ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ اعليٰ سطحي پارلياماني ڪاميٽي قائم ڪئي ويندي، اهو امڪان آهي ته ميثاق معيشت ڪاميٽي ۾ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي سمورين سياسي پارٽين جا ميمبرز شامل ڪيا ويندا. وزيراعظم سان ملاقات کانپوءِ اسپيڪر اسد قيصر ٽوئيٽ ڪري ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته وزيراعظم ملاقات دوران ميثاق معيشت لاءِ خصوصي ڪميٽي قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اسان اپوزيشن کي اعتماد ۾ وٺنداسين. اهڙي معاشي پاليسي هجي جنهن جي سڀ ڌريون مالڪي ڪن ۽ حڪومت تبديل سان پاليسي تي ڪو فرق نه پوي.
ٻار ڄڻڻ ۽ ماءُ بڻجڻ وارن تجربن بابت زارا نور ڇا ٿي چوي؟
جاپاني شهرين تي حملي جي ابتدائي جاچ ۾ اهم پيش رفت
علامه ايڪسپريس جي انجڻ کي باهه لڳي وئي
بارش سبب 3 ڏينهن دبئي ۾ ڦاٿل ڪرڪيٽر آمريڪا پهچي ويا
يوڪرين پاران روسي جنگي جهاز تباهه ڪرڻ جي دعويٰ
ٽرمپ جي عدالت ۾ حاضري وقت هڪ شهري جي خود سوزي
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف