ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي جي نامزد ميئر حافظ نعيم الرحمان جي حمايت ۾ پي ٽي آئي ۾ اختلافن جو انڪشاف ٿيو آهي پي ٽي آئي جي چيئرمين جي واٽس ايپ گروپ ۾ شڪايتن سان ڀريل وائيس ميسيجز سامهون آيا آهن پي ٽي آئي کي نئين چونڊيل چيئرمين جماعت اسلامي سان اتحاد تي خدشا ظاهر ڪيا نئين چونديل چيئرمين چيو ته يو سي جي نتيجن تي جماعت مون تي ڪيس ڪيو حافظ نعيم کي ٻڌايو پوءِ به ڪيس واپس نه ٿيا پي ٽي آئي اڳاوڻن چيو ته جماعت وارا ووٽ به گهري رهيا آهن سيٽ به کسي رهيا آهن ووٽ لاءِ ڏسون ٿا پارٽي ۽ چيئرمين ڪهڙو فيصلو ڪن ٿا جماعت اسلامي سان اتحاد جو فائدو ڪهڙو جڏهن ڪائي مدد نه پئي ٿئي ٻئي پاسي ڪراچي جي ميئر لاءِ جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف جي گڏيل اميدوار حافظ نعيم الرحمان چيو ته جماعت اسلامي سمورن پي ٽي آئي نمائندن سان رابطي ۾ آهي اليڪشن واري ڏينهن سڀ گڏ هوندا.










