سکر(جئيرام داس ) ڪرونا ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرائيندي ايس پي موٽر وي اين فائيو سکر جاويد اقبال چڌڙ جي سخت هدايتن تي ايس پي موٽر وي آفيس ۽ موٽر وي هيڊ ڪواٽر سکر ۾ يونيفارم ۽ بنا يونيفارم اسٽاف لاءِ فيس ماسڪ جو استعمال لازمي قرار ڏ نو ويو آهي، حڪومت پاڪستان طرفان ايس او پيز جي حوالي سان آءِ جي مو ٽر وي ڊاڪٽر سيد ڪليم امام جي حڪم تي ايس پي موٽر وي سکر سيڪٽر اسٽاف کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته فيس ماسڪ جي استعمال کي يقيني بڻائڻ سميت فاصلي جو به خيال رکيو وڃي، ايس او پيز تي عمل ڪندي آفيس ايندڙ ٻاهرين ماڻهن کي به ايس او پيز تي عمل ڪرايو پيو وڃي ته جيئن وبا کان موٽر وي پوليس جي آفيسرن، ملازمن سميت عام عوام محفوظ رهي سگهن، ان ڏس ۾ ايس پي موٽر وي سکر جاويد اقبال چڌڙ هالاڻي کان ڪوٽ سبزل اين فائيو شاهراه جي آپريشنل موٽر وي پوليس جي آفيسرن ۽ ملازمن کي به ڪرونا وائرس جي ٽئين خطرناڪ لهر کان بچاءَ لاءِ سختي سان هدايتون جاري ڪيو ن آهن ته آفيسر ۽ ملازم ڊيوٽي دوران فيس ماسڪ ۽ سينيٽائزر جو استعمال يقيني بڻائن، ان کان علاوه ٽريفڪ چالان اشو ڪرڻ وقت سماجي فاصلو ۽ ٻين احتياطي اُپائن تي عمل ڪن، موٽر وي پوليس کي هدايت جاري ڪئي وئي آهي ته نيشنل هاءِ وي تي عام ڊرائيورن کي به ايس او پيز جي حوالي سان آگاهي ڏني وڃي ته جيئن احتياطي اُپائن تي عمل ڪري پنهنجي ۽ ٻين جي قيمتي زندگين کي محفوظ بڻائي سگهجي. ياد رهي ته موٽر وي پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن کي ڊپارٽمينٽ طرفان فيس ماسڪ ۽ سينيٽائزر پڻ ڏنو پيو وڃي ته جيئن ڊيوٽي دوران ڪرونا ايس او پيز تي عمل ڪندي موذي وائرس کان محفوظ رهي سگهن










