موٽر وي جي 130 ملازمن جا مٿئين گريڊ ۾ پروموشن

موٽر وي جي 130 ملازمن جا مٿئين گريڊ ۾ پروموشن

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) موٽر وي پوليس 6 ايڪٽنگ چارج وارن سب انسپيڪٽرز کي ريگولر ڪري پيٽرولنگ آفيسر جي عهدي تي گريڊ 14 ۾ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته 124 اسسٽنٽ پيٽرولنگ آفيسرن کي ايڪٽنگ بنياد تي گريڊ 14 ۾ پيٽرولنگ آفيسر طور سب انسپيڪٽر جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي. جن کي ريگولر ڪيو ويو آهي تن ۾ عمر دراز خان، گوهر خان، عبدالحئي پٺاڻ، شاگد حامد، محمد آصف ۽ نذير احمد شامل آهن. جڏهن ته هيڊ ڪانسٽيبل يعني اسسٽنٽ پيٽرولنگ آفيسر وارن 124 ڄڻن کي ايڪٽنگ سب انسپيڪٽر جي عهدي تي ترقي حاصل ڪندڙن ۾ عبدالخالق، اورنگزيب، منير احمد، تنوير احمد قاضي، افتخار احمد، اختر حسين مهر ۽ ٻيا شامل آهن.

گريڊ 14 هين ۾ سب انسپيڪٽر، پيٽرولنگ آفيسر جي عهدي تي ترقي ماڻيندڙ اختر حسين مهر

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 22 آڪٽوبر تي ڊي آءِ جي هيڊ ڪوارٽر جي سربراهي ۾ ٿيل ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪميٽي جي اجلاس ۾ منظوري ڏني وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو