عارف والا ۾ 7 ۽ گهوٽڪي حادثي ۾ 4 فوت ڪيترائي زخمي

عارف والا ۾ 7 ۽ گهوٽڪي حادثي ۾ 4 فوت ڪيترائي زخمي

اوٻاوڙو/ گهوٽڪي/ ميرپور ماٿيلو(نمائندن وٽان) موٽر وي تي تيز رفتار ڪوچ ڪلٽي ٿي پئي جنهن کي باهه وڪوڙي وئي. ابتدائي اطلاعن موجب 4 ماڻهو سڙي فوت ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي سڙي زخمي ٿي پيا آهن. مري ويلن جو انگ وڌي سگهي ٿو. پنجاب طرف ويندڙ ڪوچ ڊرگهه ملوڪ واري لڳ ڪلٽي ٿي پئي. مسافرن جو چوڻ آهي ته ڊرائيور کي ننڍ جو جهٽو آيو جنهن سبب ڪوچ روڊ تان هيٺ ڪري پئي. مري ويلن ۾ 9 مهينن جي ٻارڙي علينه، هڪ عورت عمر گل بيبي، ڊرائيور ۽ هڪ ٻيو شامل آهن. 10 کان مٿي سڙي زخمي ٿي پيا آهن، جن مان ٻن جي حالت نازڪ آهي جن کي رحيم يار خان منتقل ڪيو ويو آهي. ڊي سي گهوٽڪي موجب کيس رات جو اڍائي وڳي اطلاع مليو ته فوري طور تي فائر برگيڊ گاڏيون ۽ ايمبولينس واقعي واري هنڌ روانيون ڪري اسپتال ۾ ڊاڪٽرن کي گهرائي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي ۽ صبح جو لاش بڻون روانا ڪيا ويا.

موٽر وي تي ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ بعد ڳوٺاڻا جمع ٿي ويا، فوٽو سنڌيار

موٽر وي پوليس ۽ مير پور ٻيلو ٿاڻي جي پوليس پهچي مسافرن کي اسپتال پهچايو. آڌي رات جو ٿيل حادثي سبب زخمي تڙپندا رهيا فجر مهل ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڪيو. هوڏانهن پاڪ پتن ۾ عارف والا ۾ مسافر بس ۽ مني ٽرڪ ۾ ٽڪر سبب 7 فوت 9 زخمي ٿي پيا. آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو