موٽر وي تي حادثو پنجاب واسي 2 ڄڻا فوت هڪ زخمي

موٽر وي تي حادثو پنجاب واسي 2 ڄڻا فوت هڪ زخمي

پنوعاقل (سنتوش ڪمار ) ڪلر ڳوٺ وٽ سکر ملتان موٽروي تي تيز رفتار مزدا ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي ، حادثي ۾ پنجاب واسي مزدا سوار ٻه ڄڻا ڄام شريف ۽ پھلوان خان ٿڏي تي فوت ٿي ويا. ھڪ ڄڻو ڊرائيور اعجاز احمد زخمي ٿي پيو ، فوتين جي مڙھ ۽ زخمي کي علاج لاءِ تعلقه اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو جتي قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد فوتين جا مڙهه پنجاب موڪليا ويا. زخمي ڊرائيور جو علاج ھلندڙ آھي، مزدا پنجاب کان سکر طرف وڃي رهي هئي ته حادثو پيش آيو.

پهنجو تبصرو موڪليو