موٽر سائيڪلن جي ڦر جون ٻه وارداتون، پوليس خاموش

شاهپور جهانيان (ن س) ڦورو ڳوٺ نئون گچيرو واسي نوجوان پورهيت پرويز چنڊ ۽ سندس مهمان کان دولتپور شاخ جي نئون گچيرو واري موري وٽان موٽرسائيڪل ، موبائيلون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري ويا ، نوجوانن پاران مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن مٿن وحشياڻو تشدد ڪيو ۽ سندن هٿ پير ٻڌي کين ڪمند جي فصل ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا ، جڏهن ته ساڳئي ڳوٺ نئون گچيرو واسي مور چنڊ کان هالا ويجهو نيشنل هاء وي تان ون ٽو فائيو موٽرسائيڪل ، ٻه عدد ٽچ موبائيل فون ۽ 10 هزار روڪ رقم ڦر ٿي ويا ، وڌندڙ ڏوهن تي حد جي پوليس ضابطو نه آڻي سگهي ، متاثرن آء جي سنڌ کي اپيل ڪئي آهي ته ڏوهارين خلاف قدم کڻي اسان غريبن کي ڦر ٿيل گاڏيون ۽ سامان واپس ڪرائي ڏنو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو