موٽروي پوليس 80هزار اضافي ڪرايو مسافرن کي واپس ڪري ڇڏيو

مورو(رپورٽ مورائي اياز سولنگي) آءِ جي موٽروي جي هدايت تي مورو ۾ موٽر وي پوليس وڌيڪ ڪرايو وٺندڙ مسافر گاڏين تي ڏنڊ وجهڻ شروع ڪيو آهي. عيد ايندي ئي ٽرانسپورٽرز ڪرايا وڌيڪ وصول ڪرڻ شروع ڪيا آهن. ملڪ جي مختلف شھرن ڏانھن ايندڙ ويندڙ بسن، ڪوچن، ويگنن ۽ ٻين مسافر گاڏين کي روڪي وڌيڪ ڪرايو وٺندڙ ڊرائيورن ۽ ڪنڊيڪٽرز خلاف ڪاروائي ڪندي انھن تي ڏنڊ وڌا ۽ مسافرن کي ناجائز ورتل ڪرايو 80 ھزار روپيا مسافرن کي واپس ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ موٽر وي پوليس مورو جي ڊي ايس پي حنيف عارف، ايڊمن آفيسر علي اصغر عباسي، آپريشن آفيسر عجيب علي ھيسباڻي ۽ ٻين جي نگراني ۾ مورو نيشنل ھاءِ وي ٽول پلازه ۽ ٻين ھنڌن تي گاڏين کي روڪي اھڙي ڪاروائي ڪئي. آفيسرن چيو ته چيڪننگ جو سلسلو عيد تائين جاري رھندو مسافرن کي ڦرجڻ کان بچائينداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو