هالاڻي(طارق جان سهتو) موٽروي پوليس ڪنڊيارو طرفان پنهنجي ايمانداري جو فرض ادا ڪندي لکين رپين جو قيمتي سامان جنهن ۾ نقدي زيور۽ ٻيون قيمتي شيون مالڪن حوالي ڪيو ويون موٽروي پوليس بيٽ 29 ڪنڊيارو جي ايڊمين آفيسر عبدلرشيد سهتو ميڊيا کي ٻڌايو ته 22 جون تي ٽول پلازه ڪنڊيارو وٽ پراڊو جو حادثو ٿيو هيو جنهن ۾ 4 فوت ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿيا هئا. موٽروي پوليس جي آفيسرن بروقت حادثي واري هنڌ پهچي زخمين کي فوري طور اسپتال پهچايو ۽ نجي ايمبولنس ۾ لاش فيصل آباد روانا ڪيا هئا. عبدالرشيد سهتو وڌيڪ ٻڌايو ته حادثي ۾ گاڏي جو نقصان ٿيو هيو ۽ گاڏي ۾ موجود وارثن جو قيمتي سامان گاڏي ۾ موجود هيو,موٽروي پوليس ان وقت فرض شناسي ايمانداري جو امانت طور قيمتي سامان با حفاظت محفوظ ڪيو. اڄ فيصل آباد کان حادثي جو شڪار ٿيلن جا وارث موٽروي پوليس آفيس ڪنڊيارو پهچي سامان واپس ورتو ۽ موٽر وي پوليس جو شڪريو ادا ڪيو.










