خيرپور ناٿن شاھ(برڪت چانڊيو) ڳوٺ ٽيل جو رھواسي 75 سالن جو شادڻ پٽ ڏتل خان ڀرڳڙي کي 6 ڏينھن اڳ ڪڪڙ انڊس ھاءِ وي تي تيز رفتار موٽرسائيڪل جو ٽڪر لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو ھيو جنھن کي حيدرآباد جي اسپتال ريفر ڪيو ويو جتي 6 ڏينھن کان زير علاج ھيو جنھن جي طبيعت خراب ھجڻ سبب زخمن جا سور نه سھندي اڄ حيدرآباد جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، جڏھن ته پوليس پاران موٽرسائيڪل سوار جي ڳولا پڻ جاري ڪري ڇڏي، ٻئي پاسي پيرسن جو لاش تعلقہ اسپتال ڪي اين شاھ ۾ پيل آھي.










