مون کي نااهل ڪيو ويو ته شاهه محمود پارٽي هلائيندو:خان

مون کي نااهل ڪيو ويو ته شاهه محمود پارٽي هلائيندو:خان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن مون کي نااهل ڪيو ويو ته شاهه محمود قريشي پارٽي هلائيندو. زمان پارڪ لاهور ۾ عمران خان صحافين ۽ وڪيلن سان ملاقات ڪئي ۽ موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.هن چيو ته مون کي نااهل ڪيو ويو ته شاهه محمود قريشي پارٽي هلائيندو، مراد سعيد مستقبل جو اڳواڻ آهي. هن چيو ته فوج سان ڪنهن جي به جنگ ناهي، فوج منهنجي آهي.وقت جلد تبديل ٿيڻ وارو آهي ۽ مان ايندڙ ڏينهن ۾ وڏو سرپرائز ڏيندس. موجوده حڪومت ملڪي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، چونڊن کانسواءِ ڪو حل ناهي.پارٽي ڇڏڻ وارن جي حوالي سان عمران خان چيو ته جيڪي پارٽي ڇڏي رهيا آهن انهن مان ڪجهه جبري ۽ ڪجهه کي بي نقاب ڪيو ويو.نوجوان پارٽي جو بهترين سرمايو آهن ۽ ٽڪيٽ سندن حق آهي جڏهن ته صدر عارف علوي آئين موجب ڪم ڪندو.هن چيو ته اليڪشن رڳو پي ٽي آءِ ئي کٽيندي، مون کي گرفتار ڪيو ويو، نااهل ڪيو ويو ۽ مارڻ جي به رٿابندي ڪئي وئي، اڄ به ريفرنڊم ڪرايو ۽ نتيجو ڏسو، قسم کڻي چوان ٿو ته ڪڏهن به تشدد ۽ ڀڃ ڊاهه نه ڪئي. ان کان علاوه قانوني ٽيم به عمران خان سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ عمران خان ۽ سندس خلاف داخل ڪيسن تي قانوني مشاورت ڪئي وئي، جڏهن ته عمران خان قانوني ٽيم سان گرفتار پارٽي اڳواڻن جي آزادي بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو