مون کي مارڻ جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن: شيخ رشيد

مون کي مارڻ جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن: شيخ رشيد

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته اڳ مون کي مارڻ جون ڌمڪيون ملنديون هيون، هاڻي لال حويلي تي ڊرون حملو ڪيو پيو وڃي، ان جي وڊيو اختيارين کي موڪلي پئي وڃي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ شيخ رشيد چيو ته هو لانگ مارچ کان اڳ ۽ ان دوران پنڊي ۾ فساد ڪرڻ چاهين ٿا، ناڪامي سندن مقدر آهي، پنڊي پرامن شهر آهي.هن چيو ته اڳوڻو صدر آصف زرداري به سازش ۾ رابطا ڪميٽي ٺاهڻ لاءِ اسلام آباد پهچي ويو آهي.اڳوڻي وفاقي وزير جو چوڻ آهي ته ايمرجنسي ڪابينا رات جي اونداهي ۾ سڏائي رات جي اونداهي ۾ منسوخ ڪئي ويندي آهي.شيخ رشيد چيو ته حڪومت سياسي باهه جي گولي سان کيڏي رهي آهي، سندن خواهش خبر نٿي بڻجي سگهي، جيتري سياسي گند وڌي آهي اها 15 ڏينهن ۾ صاف ٿي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو