مون کي اڊيالا جيل چوڪي  ۾ غير قانوني طور نظربند ڪيو ويو

مون کي اڊيالا جيل چوڪي ۾ غير قانوني طور نظربند ڪيو ويو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته مون کي ڪالهه اڊيالا جيل چوڪي ۾ غيرقانوني حراست ۾ رکيو ويو،آزاد ٿيڻ بعد راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته کيس ڪوڙو ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو، عدالت ضمانت منظور ڪئي، رات دير سان اڊيالا جيل مان پوليس لائنز منتقل ڪيو ويو،عمر ايوب چيو ته مون کي پوليس لائنز ۾ به غير قانوني حراست ۾ رکيو ويو، مون وٽ پشاور هاءِ ڪورٽ مان حفاظتي بانڊ آهي،پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته عدالت پوليس کان پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن هاءِ ڪورٽ مان ضمانت ملي ته گرفتار ڪرڻ جو ڪهڙو اختيار آهي؟،عمر ايوب چيو ته پوليس وٽ عدالت جي سوال جو جواب ناهي، آءِ جي پنجاب مريم نواز، ڊي پي او اٽڪ ۽ شهباز شريف سڀ ذميوار آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو