مون سون برساتن کان اڳ واٽر بورڊ ۾ ايمرجنسي لاڳو

مون سون برساتن کان اڳ واٽر بورڊ ۾ ايمرجنسي لاڳو

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) برسات کان اڳ سڀني نالن کي مڪمل صاف ڪيو وڃي، جيٽينگ، سيڪشن، راڊنگ، سيور ڪلينگ مشين، ڊي واٽرنگ پمپس سميت سموري مشينري کي فعال بڻايو وڃي سنڌ جي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ۽ چيئرمين واٽر بورڊ سيد ناصر حسين شاھ ۽ وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سيد نجمي عالم پاران شهر ۾ مون سون جي برساتن کي نظر ۾ رکندي واٽر بورڊ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪندي آفيسرن کي ھدايتون جاري ڪندي چيو تہ برسات کان اڳ سڀني نالن کي مڪمل صاف ڪيو وڃي گڏوگڏ جيٽينگ، سيڪشن، راڊنگ، سيور ڪلينگ مشين، ڊي واٽرنگ پمپس سميت سموري مشينري کي فعال بڻايو وڃي، تفصيل موجب وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سيد نجمي عالم جي صدارت هيٺ رين ايمرجنسي متعلق چيئرمين سيڪريٽريٽ ڪارساز ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، ان موقعي تي وائيس چيئرمين واٽر بورڊ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو تہ برسات جي پهرين بوند ڪرڻ کان اڳ نيڪالي جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا وڃن تہ جيئن شهرين کي ڪنهن پريشاني کي منهن ڏيڻو نہ پوي، هن سمورن چيف انجنيئرن هدايتون جاري ڪيون تہ اھي پنهنجي لاڳاپيل سپرنٽينڊنٽ انجنيئرز ۽ ايگزيڪيوٽو انجنيئرز ۽ ماتحت عملي جي ڪارڪردگي جو جائزو پاڻ وٺن ڇاڪاڻ تہ ان عمل ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نہ ڪئي ويندي گڏوگڏ فراھمي و نڪاسي جي سمورين پمپنگ اسٽيشن کي بجلي جي عدم فراهمي جي صورت ۾ جنريٽر جي مدد سان بحال رکڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن، واٽر بورڊ جي ڪنڊيوٽ، نھري سسٽم سميت مختلف پمپنگ اسٽيشن جي پڻ سخت نگراني ڪئي وڃي ۽ تمام پمپس جي ڊيليسٽنگ ڪئي وڃي، وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سمورن ايگزيڪيوٽو انجنيئرن کي حڪم ڏيندي چيو ڪي.ايم.سي جي ماتحت سمورن نالن جي نشاندهي ڪئي وڃي ۽ انھن کي فوري طور آگاھي ڏني وڃي، ان موقعي تي وائيس چيئرمين واٽر بورڊ پاران چيف انجنيئر سيوريج آفتاب عالم چانڊيو کي فوڪل پرسن مقرر ڪندي سمورن آفيسرن کي ھدايتون جاري ڪندي چيو تہ اھي فوڪل پرسن سان مڪمل تعاون ڪن ۽ پنھنجون تجويزون چيف انجنيئر سيوريج ۽ ڊي.ايم.ڊي ٽي.ايس کي موڪلين، وائيس چيئرمين واٽر بورڊ پاران مون سون برساتن جي وقت سمورن آفيسرن ۽ ملازمن جون موڪلون منسوخ ڪرڻ جا حڪم جاري ڪندي وڌيڪ چيو تہ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ جي هدايتن تي عملدرآمد ڪندي واٽر بورڊ شھرين کي بھتر سھولتون فراهم ڪرڻ لاء ڏينھن رات ڪم پنھنجا فرائض سرانجام ڏيندو رھندو، اجلاس ۾ ڊي.ايم.ڊي. ٽي.ايس، تمام چيف انجنيئرز، سپرنٽينڊنٽ انجنيئرز، ايگزيڪيوٽو انجنيئرز، اسٽاف آفيسر ٽو وائيس چيئرمين، پرسنل سيڪريٽري ٽو وائيس چيئرمين شريڪ ھئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو