مولوي چاءِ دير سان ڏيڻ تي زال کي قتل ڪري ڇڏيو

سلطانپور )قربان علي) ڪينٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ هاليجي شريف ۾ جوابدار  محمد ابراهيم انڍڙ  ۾ چاءِ دير سان ڏيڻ تي  پنهنجي 45 ورهين جي زال مائي صادقت کي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو. ايس ايڇ او جاويد  ميمڻ  سنڌيار سان ڳالھائيندي چيو ته جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي جيئن وارث آيا ته ڪيس داخل ڪري جوابدار کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي کيس سخت سزا ڏني ويندي. وارثن موجب جوابدار جو دماغي توازن ٺيڪ ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو