مولا جٽ“ باڪس آفيس تي بالي ووڊ جي ميگا فلمن کي به پوئتي ڇڏي ڏنو

مولا جٽ“ باڪس آفيس تي بالي ووڊ جي ميگا فلمن کي به پوئتي ڇڏي ڏنو

لاهور(ويب ڊيسڪ)جيو فلمز، انسائيڪلو ميڊيا ۽ لاشاري فلمز پاران پيش ڪيل شاهڪار فلم ”دي ليجنڊ آف مولا جٽ“ رليز ٿيڻ جي 13 ڏينهن کانپوءِ به باڪس آفيس تي سٺي ڪمائي جاري رکي ٿي.دي ليجنڊ آف مولا جٽ پهرين پاڪستاني فلم بڻجي وئي آهي جنهن رليز ٿيڻ کان پوءِ 10 ڏينهن ۾ باڪس آفيس تي 100 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ڪمايو.رپورٽ موجب ”دي ليجنڊ آف مولا جٽ“ نه رڳو پاڪستان پر پرڏيهه ۾ به رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، فلم پنهنجي رليز جي 13هين ڏينهن بين الاقوامي سطح تي باڪس آفيس تي بالي ووڊ جي ٻن ميگا فلمن کي به مات ڏئي ڇڏي آهي.اڪشي ڪمار جي فلم ”رام سيٿ“، اجي ديوگن ۽ سدھارٿ ملهوترا جي فلم ”ٿئنڪ گاڊ“ ديوالي جي موقعي تي رليز ڪئي وئي. ٻنهي فلمن ڀارت ۾ پهرئين ڏينهن سٺي پرفارمنس ڏني پر عالمي سطح تي ڪا خاص ڪاميابي نه ڏيکاري سگهي.بالي ووڊ جي فلمي تجزيه نگار ڪومل نهتا اربع ڏينهن مائڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٻڌايو ته ديوالي جي موقعي تي ڀارتي فلم ”رام سيٿ“ ۽ ”ٿئنڪ گاڊ“ ڀارت ۾ پهرين ڏينهن باڪس آفيس تي ڪامياب رهيون، پر ٻنهي فلمن پرڏيهه ۾ خراب ڪم ڪيو ۽ پاڪستاني فلم ’مولا جٽ‘ رليز جي 13هين ڏينهن به ٻنهي بالي ووڊ فلمن کان وڌيڪ بزنس ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ڪينيڊا ۾ باڪس آفيس تي ريليز جي 13هين ڏينهن اڱاري 25 آڪٽوبر تي ”دي ليجنڊ آف مولا جٽ“ 31 هزار 183 ڊالر، پنجابي فلم ”هني مون“ 20 هزار 923 ڊالر، ”ٿئنڪ گاڊ“ 14 هزار 444 ڊالر ۽ ’رام سيٿ‘ 12,714 ڊالرن جو بزنس ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو