اسلام آباد(بيورو رپورٽ)جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان اڳوڻي سينيٽر حافظ حسين احمد ملاقات ڪئي،ملاقات ۾ مواصلات واري وفاقي وزير مولانا اسد محمود، جي يو آءِ ترجمان اسلم غوري، مولانا لطف الرحمان، ايم اين اي مولانا جمال الدين ۽ انجنيئر ضياءُ الرحمان شرڪت ڪئي. حافظ حسين احمد مولانا فضل الرحمان جي خيريت معلوم ڪئي ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ پارٽي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي










