مولانا عزيز الله ٻوهيو کي دل جو دورو، سيوهڻ ۾ داخل

نوشهرو فيروز(ن سنڌيار) سنڌ ساگر پارٽي جي صدر ۽ ناليواري اسلامي عالم مولانا عزيزالله ٻوهيو کي دل جو سخت دورو، وارث کيس اين آءِ سي وي ڊي سيوهڻ کڻائي ويا، جتان طبي امداد بعد وارثن کيس ڪراچي کڻي وڃڻ پئي چاهيو پر اسپتال انتظاميا مولانا جي ڳڻتي جوڳي حالت خراب هئڻ سبب اجازت نه ڏني ۽ هو بيهوشي واري حالت ۾ سيوهڻ ۾ داخل آهي.  سندس وارثن سنڌ جي عوام کي سندس جلد صحتيابي جي دعائن جي اپيل ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو