مولانا جي طبيعت خراب،ڊاڪٽرن پاران آرام جو مشورو

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو سربراهه مولانا فضل الرحمان ٻن ڏينهن کان بخار ۾ مبتلا آهي.مولانا فضل الرحمان ڊيره اسماعيل خان ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي آهي. جي يو آءِ جي ذريعن ٻڌايوته مولانا فضل الرحمان جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ ناڪاري آئي آهي.مولانا فضل الرحمان جي طبيعت خراب هجڻ سبب  سموريون سياسي سرگرميون معطل ڪيون ويون آهن. جڏهن ته پي ڊي ايم سربراهه کي ڊاڪٽرن مڪمل آرام جو مشورو ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو