لاهور: (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام(ف) جو سربراهه مولانا فضل الرحمان جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان سان منصوره ۾ ملاقات ڪئي ۽ کيس 27 اپريل تي مينار پاڪستان ۾ منعقد ٿيل اسرائيل مخالف مارچ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.جماعت اسلامي جي ترجمان موجب حافظ نعيم الرحمان سان ملاقات جي لاءِ مولانا فضل الرحمان منصوره پهتو، حافظ نعيم الرحمان ۽ لياقت بلوچ سميت پارٽي جي ٻين اڳواڻن به سندس استقبال ڪيو.ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن مظلوم فلسطينين جي حق ۾ متحد ٿي آواز اٿارڻ جو ارادو ڪيو.جي يو آءِ(ف) جو راشد سومرو ۽ مولانا امجد خان جڏهن ته جماعت اسلامي جو لياقت بلوچ، مولانا جاويد قصوري به ملاقات م موجود هئا. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال ۽ غزه جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون.ٻئي طرف جي يو آءِ(ف) جي ترجمان اسلم غوري موجب مولانا فضل الرحمان پروفيسر خورشيد جي لاڏاڻي تي جماعت اسلامي جي قيادت سان تعزيت ڪندو. مولانا فضل الرحمان سان گڏ پارٽي اڳواڻ به گڏ هوندا.










