اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) جي يو آءِ جي صدر مولانا فضل الرحمان(ن) ليگ جي اڳواڻ نوازشريف سان رابطو ڪيو ۽ پي ڊي ايم جي آئنده جي حڪمت عملي تي غور ڪيو.مخالف ڌر جي پارٽين جي اتحاد پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان نوازشريف سان رابطو ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گذريل ڏينهن پي ڊي ايم سربراهي اجلاس ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۽ فيصلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نوازشريف ۽ مولانا فضل الرحمان پي ڊي ايم جي آئنده جي حڪمت عملي تي غور ڪيو.گذريل ڏينهن مولانا فضل الرحمان جي سربراهي ۾ ٿيندڙ پي ڊي ايم جي اهم اجلاس ۾ اپوزيشن پارٽين ۾ استعيفائن ۽ لانگ مارچ بابت اختلاف کلي سامهون اچي ويا هئا. استعيفائن تي اختلافن کان پوءِ پي ڊي ايم لانگ مارچ ملتوي ڪري ڇڏيو هو. مولانا فضل الرحمان ٻڌايو هو ته پي ڊي ايم جون 9 پارٽيون لانگ مارچ کي استعيفائن سان جوڙڻ جي حق ۾ آهن. جڏهن ته پيپلز پارٽي کي ان تي خدشا آهن ۽ انهن پنهنجي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس تائين ان حوالي سان مهلت گهري آهي. ان ڪري پيپلز پارٽي جي استعيفائن بابت فيصلي تائين 26 مارچ تي ٿيندڙ لانگ مارچ کي ملتوي تصور ڪيو وڃي.واضح رهي ته ڪالهوڪي پي ڊي ايم جي اجلاس دوران آصف زرداري نوازشريف کي چيو هو ته اوهان واپس اچو جنهن تي مريم نواز صاف انڪار ڪندي چيو ته اسان کي زنده اڳواڻ گهرجي ان جون لاشون نه گهرجن.ڪنهن کي به حق حاصل ناهي ته ان کي ملڪ واپس گهرائي جنهن کي نوازشريف سان ڳالهائڻو آهي اهو پهريان مون سان ڳالهائي. اسان ميان صاحب کي عمران خان جهڙن قاتلن جي حوالي نٿا ڪري سگهون.
مشهور خبرون










