مولانا امن امان خراب ڪيو ته قانون حرڪت ۾ ايندو،شيخ رشيد

مولانا امن امان خراب ڪيو ته قانون حرڪت ۾ ايندو،شيخ رشيد

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان ملڪ جي حالتن تي رحم ڪري، پي ڊي ايم جو ملڪ جي مسئلن سان ڪوبه ڏيڻ وٺڻ ناهي.صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن جو چوڻ هو ته ڊيل آهي نه ئي وري ڍيل آهي جهڙو ڪندو اهڙو ئي ڀريندو. رنڊڪون نه لڳائڻ جو مطلب اهو ناهي ته کلي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي. امان امان خراب ڪيو ويو ته قانون حرڪت ۾ ايندو.هن چيو ته پيپلز پارٽي ٽيسٽ ميچ کيڏي رهي آهي جڏهن ته مولانا آخري پنج اوور کيڏڻ چاهي ٿو. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان جنهن اسيمبلي تي لعنت موڪلي ٿو ان .ئي اسيمبلي ذريعي اليڪشن وڙهڻ وڃي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو