آزادي مارچ 31 تي اسلام آباد ۾ داخل ٿيندو، مولانا جو نئون اعلان

آزادي مارچ 31 تي اسلام آباد ۾ داخل ٿيندو، مولانا جو نئون اعلان

اسلام آباد(اياز مهر) مولانا فضل الرحمان اسلام آباد ڏانهن ٿيندڙ آزادي مارچ بابت نئون اعلان اهو ڪيو آهي ته 31 آڪٽوبر تي آزادي مارچ وفاقي گادي واري شهر ۾ داخل ٿيندو. هن چيو ته 27 آڪٽوبر تي ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي لاءِ ڀرپور نموني اظهار يڪجهتي ڪرڻ بعد قافلا اسلام آباد لاءِ روانا ٿيندا. هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته قافلا ملڪ ڀر مان پهچندا ۽ 31 آڪٽوبر خميس تي قافلا اسلام آباد ۾ داخلا لاءِ مارڇ ڪندا. اڳ ۾ پرڏيهي کاتي جي وفاقي وزير شاهه محمود قريشي کيس تاريخ تبديل ڪرڻ جو چيو هو ته هن انڪار ڪيو هو، ڇو ته 27 آڪٽوبر تي ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي طور جلسا جلوس منعقد ڪيا ويندا. مولانا چيو ته هر صوبي مان 10 هزار رضاڪار ايندا جيڪي جلوسن کي ڪنٽرول ڪندا. هن چيو ته حڪومت ڪشمير جو سودو ڪري ڇڏيو آهي، هي ڀارت کي ڪجهه نٿا ڪن ته اسانکي ڇا ڪندا، اسين اينداسين ۽ حڪومت کي ختم ڪنداسين. هواڏانهن وزير داخلا اعجاز شاهه چيو آهي ته مولانا سياڻو هوندو ته اسلام آباد نه ايندو. هوڏانهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڌرڻي کي روڪڻ جو حڪم جاري ڪرڻ بابت هڪ شهري جي درخواست اهو چئي خارج ڪري ڇڏي ته درخواست قبل از وقت آهي. ٻئي پاسي اسلام آباد پوليس اهلڪارن جون موڪلون رد ڪري ڌرڻي کي منهن ڏيڻ لاءِ کين ڊيوٽي تي پهچڻ جو حڪم ڏنو آهي. وفاقي حڪومت پنجاب ۽ خيبرپختونخواه مان اضافي پوليس گهرائي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو