موقعو مليو ته آءِ پي ايل ۾ ضرور ڪم ڪندس: زينب عباس

لاهور (ويب ڊيسڪ)دنيا ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙ مشهور رانديگر زينب عباس انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) ۾ ڪم ڪرڻ بابت خيالن جو اظهار ڪيو آهي. تازو ئي يوٽيوب تي ڏنل انٽرويو ۾ زينب چيو ته جيڪڏهن موقعو مليو ته آءِ پي ايل ۾ ضرور ڪم ڪنديس.زينب عباس چيو ته مان نه ٿو سمجهان ته ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ سياست اچڻ گهرجي، خاص ڪري راندين جي ميدان ۾ سياست ڪنهن به صورت ۾ رڪاوٽ نه بڻجڻ گهرجي.هن چيو ته رانديون اسان جي وچ ۾ فاصلا ختم ڪن ٿيون، ٻنهي ملڪن وچ ۾ راندين جي سرگرمين ۾ ڪا به رڪاوٽ نه هجڻ گهرجي.زينب جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان رڳو عالمي ايونٽس جهڙوڪ آءِ سي سي ٽورنامينٽ يا ايشيا ڪپ ۾ هڪ ٻئي کي ڏسندا آهيون، اسان کي سياست کي پاسي تي رکڻ جي ضرورت آهي.زينب کان جڏهن آءِ پي ايل بابت پڇيو ويو ته هن چيو ته منهنجي خيال ۾ ڪم کي ڪم سمجهي ڪم ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن موقعو مليو ته آءِ پي ايل ۾ ضرور ڪم ڪندس.پاڪستاني رانديگر جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ورڪنگ لاڳاپا ٻيهر شروع ٿيندا، ڀارت به هتي ايندو ۽ اتي ڪرڪيٽ کيڏنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو