موسم خراب، يو اَي اِي جي صدر جو دورو ملتوي

موسم خراب، يو اَي اِي جي صدر جو دورو ملتوي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)متحده عرب امارات (يو اي اي) جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان جو پاڪستان جو دورو خراب موسم سبب ملتوي ڪيو ويو آهي. هڪ بيان ۾ سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته يو اي اي جو صدر شيخ محمد بن زيد النهيان اڄ پاڪستان جو دورو ڪرڻ وارو هو، مريم اورنگزيب چيو ته متحده عرب امارات جي صدر جي پاڪستان جي دوري کي ٻيهر شيڊول ڪيو ويندو. هن چيو ته يو اي اي جي صدر سان مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جو صدر شيخ محمد بن زيد النهيان وزيراعظم شهباز شريف جي دعوت تي اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد پهچندو. وفاقي گادي واري شهر ۾ ڀليڪاري جا بينر لڳايا ويا آهن، اسلام آباد ۾ اڄ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو