موسمياتي تبديلين، غربت ۽ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ دنيا گڏيل ڪوششون ڪري

بيجنگ (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موسمياتي تبديلين کي منهن ڏين لاءِ وڻڪاري ڪرڻ، سياحت کي هٿي وٺرائڻ، ڪرپشن جي خاتمي ۾ تعاون، غربت جي خاتمي لاءِ فنڊ قائم ڪرڻ،  تجارت ۽ سيڙپڪاري لاءِ ماحول بهتربڻائڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار هن جمع ڏينهن چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ منعقد ڪيل ٽن ڏينهن واري بيلٽ اينڊ روڊ فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. عمران خان بيلٽ ۽ روڊ منصوبي کي گلوبلائيزيشن جو رستو قرار ڏيندي چيو ته هن منصوبي جي دستاويز تي دنيا جي 122 ملڪن ۽ 49 عالمي تنظيمن جي نمائندن پاران صحيحون ڪرڻ مان واضح آهي ته هي دنيا کي ڳنڍڻ، تعاون ڪرڻ ۽ خوشحال ڪرڻ جو عالمي منصوبو آهي. ٽن ڏينهن واري هن فورم ۾ دنيا جي 38 ملڪن جا ليڊر شريڪ آهن. عمران خان چيو ته چين جي ميگا منصوبن جا ثمر عوام تائين پهچڻ شروع ٿي ويا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين سي پيڪ جي نئين مرحلي ڏانهن وڌي رهيا آهن، جنهن ۾ اسپيشل اڪنامڪ زونز قائم ٿيندا. هن چيو ته بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي سان پاڪستان ۾ توانائي بحران ۾ گهٽتائي ٿي ۽ چين جي تعاون سان گوادر تيزي سان دنيا جو اهم تجارتي مرڪز بڻجي رهيو آهي. هن چيو ته گوادر جيڪو مهاڻن جو ننڍڙو ڳوٺ هو اتي پاڪستان جو وڏي م وڏو ايئرپورٽ ٺهي پيو.هن چيو ته موجوده حڪومت سيڙپڪاري لاءِ لبرل پاليسي جوڙي آهي دنيا ان جو فائدو وٺي ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري. هن چين سان تعليم، صحت ۽ زراعت جي شعبن ۾ وڌيڪ تعاون تي زور ڀريو. عمران خان چئن ڏينهن جي دوري تي خميس تي بيجنگ پهتو آهي جتي هو فورم جي سائيڊ لائن تي دنيا جي مختلف ليڊرن ۽ چين جي قيادت سان ملاقاتون ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو