ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پنهنجي رپورٽ جاري ڪئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته موسمياتي تبديلي سبب پاڪستان کي هر سال 4 ارب ڊالرن جو نقصان ٿئي ٿو، جڏهن ته پاڪستان موسمياتي تبديليءَ کان متاثر ٿيندڙ پهرين ڏهن ملڪن ۾ شامل آهي. موسمياتي تبديلي ۾ گليشيئر پگھلڻ، ڏڪار ۽ ٻوڏ شامل آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته موسمياتي تبديلي واري ايڪٽ 2017 هيٺ ، موسمياتي تبديلي جي ادارن کي فعال ۽ بااختيار بڻايو وڃي، موسمياتي بجيٽ کي موسمياتي تبديلي جي بحران جي تناسب ۾ مختص ڪيو وڃي، موسمياتي فنانسنگ تي هڪ کليل ڊيٽابيس قائم ڪيو وڃي، جڏهن ته موسمياتي گورننس جي سالميت کي وڌائڻ لاء عالمي طريقا هجڻ گهرجن. لاء استعمال ڪيو وڃي.










