لنڊن(ويب ڊيسڪ) دنيا ۾ موسمي تبديلين سبب هڪ پاسي تباهي وڌي رهي آهي ته ٻئي پاسيخرابي جا پيمانا به مختلف خطن ۾ تبديل ٿي رهيا آهن. ڳڙو يا زاله باري م اضافو ٿي رهيو آهي وڏي سائيز جي برف جا پٿر آسمان مان وسي رهيا آهن. گذريل سال 21 جولاءِ تي لنڊن ۾ گولف جي بال جيترا برف جا پٿر يعني ڳڙو وٺو جنهن سبب گهرن ۽ گاڏين جا شيشا ٽٽي ويا هئا. 2020 م ڪئناڊا جي شهر ڪيلگري ۾ ان کان به وڏي سائيز جو ڳڙو وٺو هو جنهن ۾ ٽينس جي بال جي سائيز جيترا برف جا پٿر وسيا هئا.

جنهن سبب 70 هزار گهرن ۽ گاڏين کي 1.2 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو هو. آمريڪي رياستن ٽيڪساس، ڪولوراڊو ۽ الاباما ۾ گزريل ٽن سالن ۾ طوفانن جا رڪارڊ ٽٽا آهن ۽ 15 سينٽي ميٽر قطر جي سائيز جا برف جا ٽڪرا يعني ڳڙو وٺو، جنهن سبب فصلن کي به بيحد گهڻو نقصان رسيو. 2020 ۾ لبيا جي فادي واري شهر طرابلس ۾ 18 سينٽي ميٽر جي سائيز جو ڳڙو وٺو هو. 10 سينٽي ميٽرن کان وڏي جي برفيلي پٿرن جو وسڪارو غير معمولي تصور ڪيو ويندو آهي، ۽ اھا ان ڳالھ جي نشاني آھي ته آمريڪا ۾ ھاڻي زاله باري سبب هر سال 10 بلين ڊالرن کان وڌيڪ سراسري نقصان ٿئي ٿو.

موسمياتي تبديليءَ سبب آسمان مان برفباري وڌي رهي آهي ۽ انهن طوفانن ۾ ڪِرڻ واري ڳڙن جو اندازو ڪيتري حد تائين وڌي سگهي ٿو؟ هڪ اولو، ڳڙو يا برفاني پٿر ان وقت ٺهي ٿو جڏهن آبي بخارات کي ڪڪرن جي ٿڌي هوا ڄمائي ٿي ڇڏي، جدڇن اهي قطرا هوا ۾ موجود نمي مان گذرن ٿا ته نمي انهن برف جي قطرن ٻاهرين حصي ۾ ملي وڃن ٿا ۽ ان اولي جي شڪل بصر جي تهن واري شڪل اختيار ڪري ٿو. اولو ڪيترو جلدي ٺهي ٿو ان جو دارومدار هوا ۾ نمي تي آهي ۽ ان جي سائيز ايتري تائين وڌندي رهي ٿي جيستائين هوا جو مٿيون حصو ايترو مضبوط نه ٿئي جو ان کي ڪڪرن يا ماحول ۾ معلق ڪري ڇڏي.

يو ايس نيشنل اوشيونڪ اينڊ ايٽموسفيرڪ ايڊمنسٽريشن موجب فضا جي مٿئين حصي ۾ 103 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلندڙ هوائون گولف جي بال جي سائز جو هيل اسٽارم پيدا ڪري سگهن ٿيون ۽ بيس بال جي سائيز واري هيل اسٽارم کان 27 سيڪڙو وڌيڪ تيز هوا بيس بال جيترو اولو پيدا ڪري سگهي ٿي. ايجنسي جي مطابق، ڪنهن به هيل استارم يعني ڳڙي واري طوفان جي ماپ جو سڌو سنئون تعلق ان جي وزن سان لاڳاپيل ناهي. ماحول جو مٿيون حصو، جيڪو وڌيڪ نمي وارو آهي ۽ تيز هوائون آهن، اتي وڏا ڳڙا پيدا ٿين ٿا. گھڻا وڏا ڳڙا تيز ھوا جي سبب اڳتي پوئتي ڪرندا آهن. جڏهن ته ننڍا ٽڪڙا فضا م ڳري ويندا آهن. ڪئناڊا جي يونيورسٽي آف مانيٽوبا جي جولين براميلو، جنهن ان معاملي بابت تحقيق ڪئي آهي ته موسمياتي تبديلي اولي جي ٺهڻ تي ڪيئن اثر انداز ٿئي ٿي. ان جو چوڻ آهي ته تباهيءَ واري طوفاني برساتن سان گڏ هڪ انچ کان به وڏا هيل اسٽون يا اولا ٿين ٿا، جن لاءِ خاص قسم جي صورتحال جي ضرورت آهي. انهن کي هوا ۾ وڌيڪ نمي جي ضرورت آهي، فضا جي مٿئين حصي ۾ مضبوط هوا ۽ موسمي ٻوڏ جهڙي ماحول جي ضرورت هوندي آهي. اهو ئي سبب آهي ته سخت طوفان دنيا جي ڪجهه حصن ۾ اچن ٿا، جهڙوڪ آمريڪا جي عظيم ميدانن ۽ آسٽريليا جي گولڊن ڪوسٽ ۾ ڏٺا ويا آهن. انهن علائقن ۾ گرمي ۽ نمي هوا کان مٿانهون ماحول جو مٿيون حصو عام طور تي ٿڌو هوندو آهي. هي غير مستحڪم ماحول فضا جي مٿئين حصي ۾ تيز هوائون ۽ گجگوڙ ۽ کنوڻ پيدا ڪري ٿو. 2003 ۾ نيبراسڪا جي علائقي اوڙوڙا ۾ ڪريل 17 سينٽي ميٽرن جي ڳڙن جي هڪ تجزيي مان معلوم ٿيو ته ان جي اندرين پرت تي نرم برف ۽ ٻاهرئين سطح تي سخت برف هئي. ان جو تجزيو ڪندڙ سائنسدانن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اهو سڄو سخت برف جو ٺهيل هجي ها ته ان جي سائيز والي بال جي برابر ۽ وزن اڍائي ڪلوگرام ٿئي ها. پر حقيقت ۾ ان جو وزن فقط پنج سؤ گرام هو، ڇاڪاڻ ته ان جو اندريون ڍانچو يا پرت نرم برف مان ٺهيل هئي.

محقق ان نتيجي تي پهتا ته ڪڪرن ۾ پاڻيءَ جي بخارات جي بخار ٿيڻ کان ٿوري دير پوءِ ڳڙو پيدا ٿيو ۽ فضا جي مٿئين حصي ۾ موجود ٿڌي هوا ان کي وڌيڪ برف جو تهه ٺاهيو ۽ ان جي سائيز وڌي وئي. عام طور تي هڪ انچ کان ننڍا هيل اسٽون 9 کان 25 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان زمين تي ڪرندا آهن، جڏهن ته 1 کان 1.7 انچ قطر وارا ڳڙا 25 کان 40 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان زمين تي ڪرندا آهن. دنيا ۾ هن وقت تائين جو سڀ کان وڏو ڳڙو1986 ۾ بنگلاديش جي گوپال گنج ۾ پيو، جنهن جو وزن 1.2 ڪلوگرام هو. ان وقت جي رپورٽن مطابق طوفان ۾ 92ڄڻا مارجي ويا ۽ 400 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا. 2018 ۾، ارجنٽائن جي ڳوٺ ولا ڪارلوس پاز ۾ تاريخ جا سڀ کان وڏا هيل اسٽون ڪريا هئا، جن جي ماپ اٽڪل 18 انچ قطر هئي، پر انهن مان ڪجهه 9.3 انچ جيترو به ٿي سگهي ٿو. (هي مصمون ۽ تصويرون بي بي سان تان ترجمو ڪري سندن ٿورن سان پيس ڪجي ٿو)










