مورو ۾ ايڊز ڀڄايو سنڌ بچايو جاڳرتا مهم جي سلسلي ۾ جلوس

مورو(رپورٽ مورائي اياز سولنگي) مورو ۾ صحت کاتي ضلع نوشھروفيروز طرفان ايڊز جي بچاء لاء جاگرتا ريلي تعلقه اسپتال مورو کان ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي ڊي ايڇ او نوشھروفيروز ڊاڪٽر مظھر علي ڪلهوڙو، تعلقا اسپتال مورو جي ايم ايس ڊاڪٽر عبدالڪريم ڏاهري، ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو، ڊاڪٽر غلام شبير چوهاڻ، ڊاڪٽر يوسف نول، ڊاڪٽر عبدالفتح راڄپر، ڊاڪٽر وجيھه الدين ميمڻ، سگا مورو جي اڳواڻ وزير فرهاد سولنگي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ريلي ۾ ڊاڪٽرن ليڊي هيلٿ ورڪرن ۽ عملي وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. جن جي هٿن ۾ وڏا وڏا بينر هئا جن تي ايڊز کان بچاء بابت تجويزون لکيل هيون، ريلي شھر جي مختلف هنڌن تان ٿيندي مورو پريس ڪلب پهتي، جتي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر مظھر علي ڪلهوڙو۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ايڊز خطرناڪ مرض آھي جنهن جي بچاء لاء ماڻھن کي احتياط ڪرڻو پوندو احتياط ئي بچاء جو طريقو آھي. هنن چيو ته غيرمحفوظ جنسي لاڳاپا ختم ڪيا وڃن ۽ حجامت ڪرڻ دوران احتياط ڪيو وڃي هر اوزار صاف استعمال ڪيو وڃي. هنن چيو ته ايڊز جون علامتن ۾ غير محسوس معمولي زڪام، بک نه لڳڻ، وزن ۾ گهٽتائي، ڪمزوري وڌي وڃڻ، هڪ مهيني کان وڌيڪ بخار جو رهڻ، کنگھ مسلسل جاري رهڻ ۽ جسم تي وڏا وڏا ڳاڙھا داڳ ٿي وڃڻ وغيره شامل آھن. جن کي اهي علامتون هونديون انهن کي ايڊز ٿي سگهي ٿي جنهن ڪري هو جلد کان جلد پنهنجي چڪاس ڪرائي علاج ڪرائي پنهنجون زندگيون بچائين. هن چيو ته ساڃاهه وند ماڻهو ايڊز ڀڄايو سنڌ بچايو جو نعرو هڻي ميدان تي نڪري اچن. هن ريلي ۾ دڪان اتحاد جي اڳواڻ بدالدين ميمڻ ۽ ٻين شھرين ۽ تنظيمن جي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو