مورو ۽ ڪنڌ ڪوٽ ۾ ڌار ڌار روڊ حادثا هڪ فوت 9زخمي

مورو ۽ ڪنڌ ڪوٽ ۾ ڌار ڌار روڊ حادثا هڪ فوت 9زخمي

مورو/ ڪنڌ ڪوٽ(نمائندن وٽان) شھر جي مين روڊ تي نيو مال پڙي وٽ ڀاڻ سان ڀريل تيز رفتار ٽرالر موٽرسائيڪل سوار مٿان ڇڙھي ويو جنھن سبب موٽرسائيڪل سوار موقعي تي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو. اسان جي نمائندي مورائي اياز سولنگ موجب فوتي جو لاش مورو اسپتال آندو ويو.

مورو حادثي ۾ فوت ٿيل نوجوان جي حياتي جي تصوير

جتي نوجوان جي لاش جي سڃاڻپ مورو ڀرسان ڳوٺ نيو گچيرو جي رھواسي شھمير ولد غلام حيدر چنڊ طور تي ٿي، بعد ۾  لاش جون قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. ***هوڏانهن ڪنڌڪوٽ مان غالب بلوچ موجب بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ٺل روڊ سان تيز رفتار ٽرالر ڪار۽ ٻن موٽرسائيڪلن وچ ۾ ٽڪرٿيو جنھنجي نتيجي ۾ ٻه ٻارچارعورتن سميت 9 زخمي ٿي پيا. حادثوپيش اچڻ شرت پوليس ۽ ايمبولنس فوري طور حادثي واري جاءِ تي پھچي زخمين کي تعلقه اسپتال ڪنڌڪوٽ آندو ويو.

جڏھن ته زخمين ۾ مسمات گودي. مسمات گلزادي. مسمات گل خاتون.عمران.نورحسن۽ ڀٽو بگٽي شامل آھن جيڪي تنگواڻي تعلقي جا رھائشي ٻڌايا پيا وڃن. جڏھن ته ھڪ عورت، هڪ ٻار۽ ھڪ مرد جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي جن کي فوري طور لاڙڪاڻي اسپتال اماڻيو ويو. بي سيڪش پوليس ٽرالر ڪار۽ موٽرسائيڪليون پنھنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيون ٽرالر ڊرائيور فرار ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو