موبائيل ايپ ذريعي سستو تيل فراهم ڪرڻ جو فيصلو

موبائيل ايپ ذريعي سستو تيل فراهم ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) مرڪزي حڪومت ۽ صوبن جمعي ڏينهن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته موٽر سائيڪل ۽ رڪشائن لاءِ تيل جي فراهمي خاطر موبائل ايپليڪيشن تي ٻڌل ڪوٽا سسٽم فوري طور تي شروع ڪيو وڃي، جيئن گهٽ آمدني وارن طبقي لاءِ هدفيه سبسڊي مهيا ڪئي وڃي.ناڻي واري وزارت صوبن سان صلاح مشوري واري اجلاس کان پوءِ چيو ته “شرڪت ڪندڙن اتفاق ڪيو ته ٽيڪنالاجي حلن جي ذريعي هدفيه سبسڊي جو فريم ورڪ تيزي سان مڪمل ڪيو وڃي، جڏهن ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ لاڳيتو هم آهنگي به يقيني بڻائي وڃي.” ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب، جنهن تيل جي شين جي صورتحال تي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي، ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته “ذميوار استعمال جي روين کي فروغ ڏنو وڃي ۽ پاليسي جا قدم مالي لحاظ کان محتاط هجن، جڏهن ته عوام کي وڌ ۾ وڌ رليف ڏنو وڃي.” اجلاس ۾ صوبائي حڪومتن جا عملدار پڻ شريڪ ٿيا۔اجلاس جي شروعات پيٽروليم ڊويزن طرفان ملڪ ۾ تيل جي موجوده صورتحال تي تفصيلي بريفنگ سان ٿي۔ چيو ويو ته ملڪ ۾ تيل جي فراهمي مستحڪم ۽ ڪافي آهي۔آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام واري وزارت به هدفيه سبسڊي نظام لاءِ تجويز ڪيل ٽيڪنالاجي حلن بابت جامع بريفنگ ڏني، جنهن ۾ شفافيت ۽ موثر ترسيل تي زور ڏنو ويو۔صوبائي اڳواڻن موجوده صورتحال ۽ پاليسي آپشنن بابت پنهنجا ويچار پيش ڪيا۔ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه وفاقي حڪومت جي مسلسل تيل فراهمي کي ساراهيو ۽ تيل جي بچت لاءِ رويي ۾ تبديلي تي زور ڏنو۔پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب چيو ته پيٽروليم جي قيمتن جي بدلجندڙ صورتحال لاءِ مختلف پاليسي منظرناما تيار ڪيا وڃن ۽ عالمي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو صارفين تائين پهچايو وڃي۔خيبر پختونخواهه جي ناڻي واري وزير مزمل اسلم، اورنگزيب ۽ پيٽروليم وزير علي پرويز ملڪ جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته پاڪستان جي تيل جي فراهمي جو انتظام علائقي جي ٻين ڪيترن ملڪن کان بهتر رهيو آهي۔ناڻي واري ڊويزن ٻڌايو ته مالي گنجائش محدود آهي ۽ گهڻو دارومدار پيٽروليم ليوي مان حاصل ٿيندڙ آمدني تي آهي، تنهن ڪري ڪنهن به رليف جي قدمن کي احتياط سان ترتيب ڏيڻ ضروري آهي ته جيئن معاشي استحڪام برقرار رهي۔اورنگزيب چيو ته موجوده صورتحال کي رڪاوٽ نه پر سڌارن جو موقعو سمجهيو وڃي ۽ ڊيٽا تي ٻڌل فيصلن کي اپنائڻ گهرجي ته جيئن شفافيت ۽ اثرائتي رهي. اجلاس ۾ بلوچستان جي ناڻي واري وزير مير شعيب نوشيرواني، چئني صوبن جا چيف سيڪريٽري، پيٽروليم وزير ۽ آءِ ٽي وزير شازه فاطمه خواجه پڻ شريڪ ٿيا۔ذريعن موجب، وفاق صوبن کي درخواست ڪري رهيو آهي ته عالمي قيمتن ۾ واڌ جو اضافي بار ورهايو وڃي ته جيئن ملڪ اندر پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ کان بچي سگهجي۔ خاص طور پنجاب ۽ سنڌ سان رابطا ڪيا پيا وڃن۔آءِ ٽي وزارت پاران موبائل فون خريد ڪرڻ جو منصوبوآءِ ٽي وزارت 24,000 موبائل فون خريد ڪرڻ لاءِ دلچسپي ظاهر ڪرڻ جون درخواستون گهرايون آهن، جيڪي ايپ هلائڻ لاءِ استعمال ڪيا ويندا۔ فون نوان، PTA منظور ٿيل ۽ هڪ سال وارنٽي سان هجڻ گهرجن۔منتخب ڪمپني فراهم ڪندڙن کي 12,000 فون 12 کان 18 ڪلاڪن اندر ۽ باقي 12,000 ڇهن ڏينهن اندر فراهم ڪرڻا پوندا۔ سڀ فون هڪ ئي ماڊل جا هوندا ۽ انهن ۾ اڳواٽ سرڪاري ايپس انسٽال هونديون۔آءِ ٽي وزير شازه فاطمه خواجه چيو ته فون خريد ڪرڻ جي ذميواري آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين تي هوندي ۽ عوامي پئسا استعمال نه ٿيندا۔ هن چيو ته ايپ تقريبن تيار آهي ۽ ان ذريعي اهل ماڻهن کي ڊجيٽل وائوچرز جاري ڪيا ويندا۔ايپ تي ٻڌل نظام ڪيئن ڪم ڪندو؟هن نظام تحت صارفين ۽ پيٽرول پمپن لاءِ مڪمل خودڪار نظام هوندو۔ صارف پنهنجي CNIC ۽ گاڏي جي رجسٽريشن ذريعي ايپ ۾ رجسٽر ٿيندو۔صارف ايپ مان ڊجيٽل وائوچر ٺاهيندو، جڏهن ته پمپ تي اهو اسڪين يا داخل ڪيو ويندو، جنهن سان خودڪار طريقي سان ڪوٽا چيڪ ٿيندي۔ مثال طور، جيڪڏهن ڪو ماڻهو 20 ليٽر گهري پر سندس ڪوٽا 15 ليٽر هجي ته کيس صرف 15 ليٽر ملندا۔حڪومت ٻن ۽ ٽن ڦيٿي وارين گاڏين لاءِ سبسڊي ڏيندي، ۽ پمپن تي انهن لاءِ الڳ نوزلز رکڻا پوندا۔ سڀ آئل ڪمپنيون به فوڪل پرسن مقرر ڪنديون ته جيئن نظام بهتر نموني هلي ۽ شڪايتن کي حل ڪري سگهجي۔آءِ ٽي وزارت طرفان سسٽم هلائڻ لاءِ تربيت، ڊيمو ۽ وڊيو ٽيوٽوريل پڻ مهيا ڪيا ويندا، جڏهن ته ايمرجنسي حالتن ۾ خاص منظوري وارو نظام به موجود هوندو۔

پهنجو تبصرو موڪليو