حيدرآباد(رپورٽ) سنڌ هاري ڪاميٽي اڳواڻ ايڊوڪيٽ احمدنواز انقلابي حيدرآباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آگسٽ جو مهينو پورو ٿيڻ وارو آهي پر هن وقت تائين سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران اسڪولن ۾ درسي ڪتاب ناهن پهتا سڄي سنڌ اندر نصاف جا ڪتاب موجود ناهن شاگرد روزانو جي بنياد تي اسڪول وڃي سواء ڪتابن جي خالي واپس ٿين ٿا تعليم کاتي جي نااهلي سبب تعليم تباه ٿي رهي آهي مهينو گذرڻ باوجود ڪو به ايڪشن ناهي کنيو ويو سنڌ جا لکين شاگردن جو مستقبل داء تي لڳل آهي سنڌ هاري ڪاميٽي جي اڳواڻ شديد ردعمل ڏيندي چيو ته سنڌ جو شعور سنڌ جي لکين شاگردن جي مستقبل سان مزاق برداشت نه ڪندو سنڌ جي تعليم تباه ٿيڻ نه ڏينداسين سمورن ضلعن ۾ سروي ڪرايون پيا انهئ اهم معلي تي ڪورٽ سان رجوع ڪنداسين ڪنهن به اداري کي اهڙو اختيار نٿا ڏئي سگهون ته سنڌ جي تباه سان مزاق ڪري هن چيو ته هي هڪ انتهائي حساس معاملو آهي جنهن ت ڀرپور مزاهمت ڪنداسين سنڌ خلاف هڪ سازش سمجهون ٿا جيڪا ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين سنڌ جي سمورن سياسي سماجي ڌرين کي گذارش ٿو ڪريان ته سڀ گڏجي انهي اهم معاملي تي آواز اٿاريون۔۔۔!!










