خانپورمھر( آفتاب سيال) ڳوٺ ڪٽڻ هار ۾ 8 ڏينهن اڳ گهرو تڪرار تان مھر برادري وچ جهيڙي دوران لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ ڪري زخمي ٿيل 17ورهين نوجوان بهرام مهر رحيم يار خان اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. فوتي نوجوان جو لاش وارث کڻائي خانپورمھر جي شيخ همدان بن محمد اسپتال پهچايو ويو جتي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ڪيو ويو. خانپورمھر اسپتال ٻاهران فوتي نوجوان جي وارثن مائي جمال خاتون، دلبر مهر، نور محمد جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري الزام هنيو ته جوابدارن ميرڻ مهر، حمل مهر، محبوب مهر، صيفل مهر۽ ٻين اسان جي نوجوان کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو سندس ڄنگهون ۽ ٻانهون ڀڃي ڪري واري جي دڙن ۾ مٿي ۾ ڪهاڙيون هڻي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو هو جيڪو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو آهي. هنن چيو ته اسان سان ناحق ٿيو جوابدارن خلاف واقعي جي اين سي رپورٽ داخل ڪئي وئي آهي پر پوليس ڪي به جوابدار گرفتار نه ڪيا آهن هنن چيو ته اسان جي نوجوان کي تذليل ڪري قتل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن خانپور مھر پوليس واقعي جو ڪيس داخل نه ڪيو آهي. فوتي نوجوان جي وارثن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.










