مهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار، 1 قتل، 6 زخمي

مهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار، 1 قتل، 6 زخمي

لکي غلام شاھ (نثارمنگي) ڳوٺ چيمن مهر ۾ مهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ 4 جريب زمين تان هلندڙ تڪرار نه نبريو، رات دير سان امام بخش مهر جي ڌر جو 1 پيرسن اسماعيل پٽ امام بخش زخمي ٿيو هو، صبح وري منور مهر جي ڌر اسماعيل مھر جي گهرن مٿان انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ نور احمد پٽ گلشير مهر مارجي ويو ۽ زخمي اسماعيل مهر سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ٻئي طرف زخمين جا وارث لکي اسپتال ڀرسان سراپا احتجاج آهن. اهڙو اطلاع ملڻ تي چڪ پوليس ۽ ڊي ايس پي وڏي انگ ۾ پوليس نفري کڻي لکي اسپتال پهتو. زخمين جي وارثن ۾ هڪ پيرسن ٻڌائيندي چيو ته جوابدار ڌر وارن ڪالھ به اسان جي گهرن مٿان حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ اسان جو هڪ ڄڻو اسماعيل پٽ امام بخش مهر شديد زخمي ٿي پيو، وري اڄ صبح سوير منور مهر 50 کان وڌيڪ هٿياربند ساڻ ڪري راڪيٽ لانچرز، ڪلاشنڪوفن ۽ جي ٿري سان اسان جي گهرن مٿان ٻيهر حملو ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ اسان جو نوجوان نور احمد مھر قتل ٿي ويو ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا آھن. زخمين ۾ راجا، مولا بخش، امجد، منور، پير بخش ۽ عمران شامل آهن.

زخمين جي وارثن مان هڪ نوجوان ٻڌايو ته اسان سان هي ظلم مسلسل 10 مهينن کان ٿيندو پيواچي پهريون بجلي جي تارن ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب اسان جو نوجوان مظهر حسين فوت ٿي ويو جنهن جو ڪارڻ به هي منور مهر جي ڌر آهي، ان وقت پوليس منور مهر  کي گرفتار ڪري وئي ۽ وري رات جو وري ان کي آزاد ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي به پوليس جي نا اهلي سبب اهي واقعا ٿي رهيا آهن. اسان ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر رضوان احمد خان سان به ڪيترائي ڀيرا مليا آهيون پر ڪو کڙ تيل نه نڪتو آهي. متاثرن سنڌ حڪومت، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي شڪارپور ۽ اعليٰ اختيارن کي اپيل ڪئي ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي ته جيئن وڌيڪ جانيون ضايع ٿيڻ کان بچي سگھن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو