مهرگروپ پاران 7 ميڊيڪل ڪئيمپون قائم،حاجي خان جو دورو،ڳالهيون

مهرگروپ پاران 7 ميڊيڪل ڪئيمپون قائم،حاجي خان جو دورو،ڳالهيون

سرحد(ن س) سرحد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ مهرگروپ پاران 7 ميڊيڪل ڪئيمپون قائم، سوين مريضن جو مفت علاج ڪري دوائون ڏنيون ويون، خبرموجب سرحد ۽ ڀرپاسي جي علائقن، ڳوٺ تاج محمد لکڻ، ڳوٺ فقير صادق سنگهڙ، صادق ڳوٺ، يوسي سندراڻي جي ڳوٺ نظير احمد چاچڙ، ۽ ٻين علائقن ۾ جي ڊي اي ايم پي اي ۽ مهرگروپ جي سرواڻ سردار علي گوهر مهر، اڳوڻي ضلعي چيئرمين سردار حاجي خان مهر پاران 7 ميڊيڪل ڪئيمپون قائم ڪيون ويون جنهن ۾ مختلف بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرياڻين سوين مريضن جو مفت معائنو ۽ ٽيسٽون ڪري مفت دوائون پڻ ڏنيون ان موقعي تي مفت ميڊيڪل ڪئيمپن جي نگراني ڪندڙ چوڌري لياقت آرائين، اصغرشاهه، مولابخش مهر، حفيظ مهر، عبدالرحيم مهر، رضا محمد ميراڻي، ڊاڪٽر لڇمن داس، سرحد پريس ڪلب جو صدر حاڪم خان ابڙو سردار بخش عبدالحميد ابڙوبابر مهر ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سردار علي گوهر خان مهر ۽ سردار حاجي خان مهر پاران پنهنجي مدد پاڻ تحت برسات ۽ ٻوڏ ۾ متاثر ٿيل ماڻهن جي مفت علاج لاء مفت ميڊيڪل ڪئيمپن جو قيام عمل ۾ آندو آھي جنهن ۾ ڪيترائي مسڪين ماڻهون لکين روپين جون دوائون مفت وٺي صحتياب ٿي رهيا آھن هنن چيو ته مهر گروپ پاران هميشه عوام جي بهتري لاء جدوجهد ڪئي آھي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو