مهراڻ يونيورسٽي طرفان ٻولين بابت تقريب،شاگردن وچ ۾ ڪرايو ويو

مهراڻ يونيورسٽي طرفان ٻولين بابت تقريب،شاگردن وچ ۾ ڪرايو ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي طرفان ٻولين جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان مختلف يونيورسٽين مان شاگردن جي وفدن وچ ۾ بحث ڪرايو ويو. پروگرام ۾ مهراڻ يونيورسٽي، سنڌ مدرسته السلام يونيورسٽي، لياري يونيورسٽي، گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي حيدر آباد جي شاگردن شرڪت ڪئي. سنڌ مدرسته السلام يونيورسٽي جي پروفيسر وفا ٻرڙو جي اڳواڻي ۾ شاگردن جي وفد پروگرام ۾ شرڪت ڪئي. ٻولين تي بحث ڪندي شاگرد وجود احمد انصاري چيو ته اهو گولوبل اشو آهي UNESCO مطابق 7000 ٻوليون آهن جن مان ڪجهه ٻولين کي کي خطرو آهي ۽ جڏهن ته ڪجهه ٻوليون ختم پڻ ٿي ويون آهن. پاڪستان ۾ 77 ٻوليون ڳالهيون وڃن ٿيون، جن مان 29 ٻوليون ايندڙ 10 سالن ۾ ختم ٿي وينديون جن ۾ ڪيلاشي، ملتي، بشڪرڪ، بديشين ۽ ٻيون شامل آهن. اسان کي گهرجي ته پنهنجي ٻولي کي بچائڻ جي لاءِ پنهنجي ٻارن ۾ عام ڪجي. هن وقت اسان وٽ بهترين ذريعا آهن پنهنجي ٻولين کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ آرٽس، ميوزڪ، ڪلچرل شو، سوشل ميڊيا، ايونٽس ۽ ٽي وي پروگرامن جي ذريعي اسان پنهنجي ٻولين کي پروموٽ ڪري سگهون ٿا. جڏهن ته اسان جي پاڙيسري ملڪ انڊيا ۾ ڏٺو وڃي ٿو ته پنجابي ٻولي کي سينيما، پروگرام ۽ ٽي وي شوز ۽ فلمبندي ذريعي اجاڳر ڪيو وڃي ٿو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر سيل اينڊ ايسوسيئيٽ پروفيسر شومائلا ميمڻ وجود احمد انصاري، غلام عباس، عبدالمنان ۽ ٻين شاگردن ۾ مڃتا سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا. لياري يونيورسٽي جي شاگرد علي بخش کوسو پڻ ٻولي تي ڳالهايو آهي. پروفيسر ڊاڪٽر حبيب الله پٺاڻ، پروفيسر شمائلہ اعجاز، ڊاڪٽرصاحبه خاتون ٿهيم، اسسٽنٽ پروفيسر شوڪت علي لوهر ۽ ٻين استادن شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو