مهتم جوڙي جي پيار پرڻي کي، زميني تڪرار جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش

ٺڪراٺو(رپورٽر) مبارڪپور ۾ مهتم برادري جي ٻن ڌرين ۾ پيار جي پرڻي ۽ زميني تڪرار تان جهيڙو لٺين سروٽن ۽ ڪهاڙين جو آزادانا استعمال ٿيڻ ڪري، زاهد علي، پناه خاتون، اربيلو، لال بخش مهتم ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا.  صنم سان پيار جو پرڻو ڪندڙ لطيف مهتم واري ڌر جي اربيلو  لال بخش ۽ مائي ليلان ۽ مائي شبيران  ميڊيا کي ٻڌائيندي چيو ته ڪجھ مهينا پهرين  لطيف مهتم پيار جو پرڻو ڪيو هو، جنهن تان صنم جا مائٽ ويري بڻجي ويا آھن. اڄ صبح جو ٻيهر بااثر وڏيرو پناھ ، جميل، نثار احمد،  شڪيل احمد، زاهد ۽ ٻيا اسان جي گهر تي حملو ڪري ڇوڪري کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مزاحمت ڪرڻ تي ماڻھو زخمي ٿي پيا آھن. مبارڪپور پوليس کي بروقت اطلاع  ڏنو سين پر هو نه پهتي.

ھوڏانهن ٻئي ڌر نثار , زاهد علي، پناه خاتون، مائي سوڍي ۽ مائي نصرت  احتجاج ڪندي چيو ته اسان جو زميني تڪرار آھي هو پيار جي پرڻي جو سبب ڄاڻائي اسان کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا. هنن وڌيڪ ٻڌايو ته اڄ صبح جو اسان جي ڇوڪري مائي نصرت پنهنجي زمين ۾ گاھ ڪري رهي هئي ته اربيلو وارن مارڪٽ ڪئي، رڙين تي اسان پهتا سين جتي اڳ ۾  حملي لاءِ لڪل  خدابخش،  پنهل،  اربيلو، لال بخش ۽ وانگارو لڌو مهر ۽ زمان پتافي حملو ڪري ڏنو جنهن ۾ ٻه ماڻھو اسان جا زخمي ٿي پيا جنهن کي مبارڪپور ٿاڻي تان ليٽر وٺي تعلقا اسپتال پنو عاقل کڻائي ويا آھيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو